ڪراچي- 30 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت اورينج لائن بي آر ٽي کي گرين لائن سان ڳنڍڻ جو منصوبو شروع ڪيو آهي ۽ اورنگي کان نمائش چورنگي تائين ان جو روٽ بڻايو ويو آهي. ان کان اڳ شهري شڪايت ڪندا هئا ته گرين لائن تائين پهچڻ کانپوءِ مسئلا پيش اچن ٿا ۽ …
سنڌ حڪومت اورينج لائن بي آر ٽي کي گرين لائن سان ڳنڍڻ جو منصوبو شروع ڪيو آهي: شرجيل ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي- 30 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت اورينج لائن بي آر ٽي کي گرين لائن سان ڳنڍڻ جو منصوبو شروع ڪيو آهي ۽ اورنگي کان نمائش چورنگي تائين ان جو روٽ بڻايو ويو آهي. ان کان اڳ شهري شڪايت ڪندا هئا ته گرين لائن تائين پهچڻ کانپوءِ مسئلا پيش اچن ٿا ۽ ٻه ڪرايا ادا ڪرڻا پون ٿا، پر هاڻي هڪ ئي ٽڪيٽ تي پورو سفر ممڪن ٿي سگهندو، جنهن سان روزانو هڪ لک ماڻهن کي سفر جي سهولت ملندي.اهڙو اظهار هن ٽرانسپورٽ کاتي پاران اورينج لائن ڊيپو تي اورينج لائن کي گرين لائن سان ڳنڍڻ واري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اورينج لائن کي گرين لائن سان ڳنڍڻ واري منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ايم ڊي ايس ايم ٽي اي منصوبي بابت بريفنگ ڏني.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر وزير چيو ته هاڻي هڪ ئي ڀاڙي تي اورينج لائن ۽ گرين لائن تي سفر ممڪن ٿيندو. وفاقي حڪومت جي وقت ۾ گرين لائن جي رائيڊرشپ 55 هزار هئي، جيڪا هاڻي 80 هزار جي لڳ ڀڳ آهي. بسن ۾ سيڪيورٽي ڪيمرائون ۽ ٻيون سهولتون موجود آهن. اورينج لائن ۽ گرين لائن تي عورتن لاءِ الڳ بسون هلايون وينديون، جڏهن ته سڀاڻي کان ڊبل ڊيڪر بسون شروع ڪيون پيون وڃن. نيون اي وي بسون به پهچي چڪيون آهن. وزيراعظم ڪراچي لاءِ 150 بسن جو اعلان ڪيو هو، اسان جي وزير اعظم کي گذارش آهي ته پنھنجو واعدو پورو ڪيو وڃي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته ڪنهن کي به سرڪاري زمينن تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو. ملير کان شاهراهه فيصل تائين ڊبل ڊيڪر بسون هلنديون، جنهن سان ٽريفڪ جا مسئلا حل ٿيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته سنڌ پوليس ۽ خفيه ادارن وڏي ڪارروائي ڪئي آهي، جنهن ۾ پرڏيهي فنڊنگ تي هلندڙن هڪ معصوم نياڻي کي ورغلائي عام شهرين جي جان وٺڻ لاءِ تيار ڪيو. دشمن ملڪن جي اشاري تي ماڻهن کي استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري والدين کي پنهنجن ٻارن جي سرگرمين تي نظر رکڻ گهرجي. هن خبردار ڪيو ته سوشل ميڊيا ذريعي ٻارن کي غلط بيانيو ڏنو پيو وڃي.سماجي عدم سھپ بابت ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪنهن کي مارڻ جهڙا واقعا معاشري ۾ ناڪاري رويي کي ظاهر ڪن ٿا. جڏهن دليل ڪمزور هجي ته تشدد جو رستو اختيار نه ڪرڻ گهرجي. ماڻهن تي تشدد ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي ۽ ذاتي تڪرارن کي قبائلي جهڳڙن جو نالو نه ڏيڻ گهرجي، قانون اهڙن واقعن تي سخت ڪارروائي ڪندو.افتتاحي تقريب ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سي اي او حيات باجوا، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪنول نظام ڀٽو ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.











