پاڪستان پاران گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي صومالي لينڊ کي تسليم ڪرڻ جي مذمت

گڏيل قومون -30 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل پاران صومالي لينڊ کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست تسليم ڪرڻ جي مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي، ته اهو آفريقا ۾ استحڪام لاءِ خطرو ۽ موغاديشو جي خودمختياري ۽ سياسي اتحاد کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون چيو ته صومالي لينڊ علائقو صوماليه جو لازمي،  اڻٽٽ ۽ ناقابل ورهاست حصو آهي ۽ …

گڏيل قومون -30 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل پاران صومالي لينڊ کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست تسليم ڪرڻ جي مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي، ته اهو آفريقا ۾ استحڪام لاءِ خطرو ۽ موغاديشو جي خودمختياري ۽ سياسي اتحاد کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون چيو ته صومالي لينڊ علائقو صوماليه جو لازمي،  اڻٽٽ ۽ ناقابل ورهاست حصو آهي ۽ ڪا به پرڏيهي طاقت ان حقيقت کي بدلائڻ جو قانوني يا اخلاقي حق نه ٿي رکي. هن چيو ته اسرائيل جو اهو قدم انتهائي غير ذميواراڻو آهي. هن چيو ته اسرائيل جو فلسطيني زمين تي قبضو ڏهاڪن کان وچ اوڀر م عدم استحڪام ۽ تڪرارن جو بنيادي سبب رهيو آهي ۽ هاڻي اهو آفريقا ۾   به غير مستحڪم رويو منتقل ڪري رهيو آهي. هن پاڪستان جي لازوال ۽ مستحڪم حمايت جي تصديق ڪندي چيو ته صدر حسن شيخ محمود جي قيادت ۾ صوماليه قومي مصالحت، آئيني سڌارن ۽ رياستي ادارن جي بحالي ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي. اقتصادي قانون ۽ سڀني جي ووٽ واري اصول تي چونڊن جي تياري سميت مالياتي شعبي ۾ هاڪاري اڳڀرائي به اهم قدم آهي. هن فلسطيني عوام جي  خوداراديت واري حق لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته  پائيدار امن ۽ استحڪام جو واحد رستو فلسطين جي آزادي ۽ خودمختيار رياست جي قيام ۾  آهي جيڪو 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل هو ۽ القدس الشريف ان جو گادي وارو هنڌ هو.

مزید خبریں