سعودي عرب جي حج بابت وزارت قاعدن جي خلاف ورزي تي عمره فر، اوور سيز ايجنٽ کي معطل ڪري ڇڏيو

رياض-30 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري بابت وزارت هڪ عمره ڪمپني ۽ ان جي پرڏيهي ايجنٽ کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪا حج پائڌيئڙن کي رهائش فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. پرڏيهي ميڊيا پاران جاري بيان ۾ وزارت چيو ته ڪمپني انهن ضابطن جي خلاف ورزي ڪئي جيڪي عمره زائرين ۽ حرمين الشرفين جي زائرين لاءِ خدمتن لاءِ مقرر آهن. وزارت مشاهدو ڪيو ته حاجي سڳورا لازمي رهائش جي الاٽمينٽ بنا سعودي عرب اچي پهتا. وزارت …

رياض-30 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري بابت وزارت هڪ عمره ڪمپني ۽ ان جي پرڏيهي ايجنٽ کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪا حج پائڌيئڙن کي رهائش فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. پرڏيهي ميڊيا پاران جاري بيان ۾ وزارت چيو ته ڪمپني انهن ضابطن جي خلاف ورزي ڪئي جيڪي عمره زائرين ۽ حرمين الشرفين جي زائرين لاءِ خدمتن لاءِ مقرر آهن. وزارت مشاهدو ڪيو ته حاجي سڳورا لازمي رهائش جي الاٽمينٽ بنا سعودي عرب اچي پهتا. وزارت چيو ته ڪمپني ۽ ان جا پرڏيهي ايجنٽ خلاف فوري ڪارروئي ڪئي وئي. 

مزید خبریں