سنڌ ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي تعليم مهيا ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن: صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه

ڪراچي- 29 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ ۾ سماجي تنظيمن ۽ نجي شعبي جي ڀائيواري سان غير رسمي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 1420 نون نان فارمل تعليمي سينٽرن جو اضافو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي موجودگيءَ ۾ سماجي شراڪت واري منصوبي تحت 30 کان وڌيڪ سماجي تنظيمن سان معاهدي تي صحيح ڪرڻ واري تقريب ڪراچي ۾ منعقد ٿي. تقريب …

ڪراچي- 29 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ ۾ سماجي تنظيمن ۽ نجي شعبي جي ڀائيواري سان غير رسمي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 1420 نون نان فارمل تعليمي سينٽرن جو اضافو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي موجودگيءَ ۾ سماجي شراڪت واري منصوبي تحت 30 کان وڌيڪ سماجي تنظيمن سان معاهدي تي صحيح ڪرڻ واري تقريب ڪراچي ۾ منعقد ٿي. تقريب اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ لٽريسي ۽ نان فارمل ايجوڪيشن پاران منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اسڪول ايجوڪيشن جي سيڪريٽري زاهد علي عباسي، مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن گہنور لغاري، ڊائريڪٽر لٽريسي ۽ نان فارمل ايجوڪيشن عبدالجبار مري، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اسٽيڊا رسول بخش شاهه ۽ مختلف سماجي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. تقريب دوران صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته لٽريسي شعبي ۽ سماجي شراڪت سان سنڌ ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي تعليم مهيا ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ غير رسمي ۽ لچڪدار تعليمي ماڊل کي هٿي وٺرائڻ ۾ هڪ مثالي صوبو بڻجي چڪو آهي ۽ سنڌ ملڪ ۾ پھريون ڀيرو نان فارمل ايجوڪيشن لاءِ باقاعده نصاب پڻ متعارف ڪرائي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت اٽڪل 2.5 ملين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن ۽ اهو مسئلو سمورن صوبن کي درپيش آهي. جيڪڏهن ڪو ٻار 9 سالن جي عمر تائين تعليم حاصل نه ڪري سگهي ته نان فارمل نظام تحت کيس 24 مهينن ۾ پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو. ايڪسلريٽيڊ نان فارمل پروگرام انهن ٻارن لاءِ نهايت مددگار آهي، جن لاءِ روايتي تعليمي نظام تائين پهچ ممڪن نه رهي آهي. هن چيو ته ڪيترائي ٻار گهريلو ڪفالت يا محنت تي مجبور آهن، ان ڪري حڪومت تعليم جي روايتي طريقن کان هَٽي اهڙو نظام متعارف ڪرايو آهي جنهن تحت ٻار پنهنجي سهولت ۽ آساني مطابق نان فارمل سينٽر ۾ تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو. هن نشاندهي ڪئي ته سنڌ ۾ اٽڪل 30 لک لاڏائو، سماجي طور تي محروم ۽ گهرن کان محروم ماڻهو آهن، جن جا ٻار نسل کان نسل تعليم کان محروم رهيا آهن، جڏهن ته رياست جي ذميواري آهي ته اهڙن ٻارن کي تعليم مهيا ڪري، اسان اھڙن ٻارڙن لاءِ به موقعا پيدا ڪيا آھن. سيد سردار علي شاهه چيو ته صرف اسڪول ايجوڪيشن کاتو ئي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي مسئلي جو ذميوار نه آهي، غربت، امن امان جي صورتحال، سماجي روايتون ۽ نفسياتي مسئلا پڻ ٻارن کي تعليم کان محروم رکڻ جا اهم سبب آهن. اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري زاهد علي عباسي چيو ته ڪميونٽي شراڪت سان 1420 نان فارمل تعليمي سينٽر قائم ڪرڻ ٻئي مرحلي جو حصو آهي. پهرين مرحلي ۾ قائم ڪيل 500 نان فارمل سينٽرز ۾ 16 هزار کان وڌيڪ ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جن مان اڪثريت ڇوڪرين جي آهي، ڇو ته ڪميونٽي سطح تي ڇوڪرين لاءِ تعليم تائين پهچ آسان هوندي آهي. ڊائريڪٽر لٽريسي ۽ نان فارمل ايجوڪيشن عبدالجبار مري چيو ته اهي نان فارمل سينٽر 30 کان وڌيڪ اين جي اوز، آءِ اين جي اوز ۽ ڪميونٽي تنظيمن جي ڀائيواري سان هلايا ويندا. 1420 سينٽرز ڄامشورو، جيڪب آباد، ڪشمور، ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ عمر ڪوٽ ۾ قائم ڪيا ويندا ۽ انهن جي ڊجيٽل بنيادن تي مانيٽرنگ پڻ ڪئي ويندي. هن چيو ته مستقبل ۾ سنڌ ۾ نان فارمل سينٽرز جو انگ 3 هزار تائين وڌائڻ جو مقصد آهي، جنهن سان هڪ لک کان وڌيڪ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهندي. تقريب جي پڄاڻي تي سيد سردار علي شاهه جي موجودگيءَ ۾ مختلف سماجي تنظيمن ۽ ڪميونٽي آرگنائيزيشنز جي نمائندن سان نان فارمل تعليمي سينٽرز قائم ڪرڻ لاءِ معاهدي تي باقاعده صحيحون پڻ ڪيو ويون.