صوبائي وزير ڄام خان شورو جو ڪي – فور منصوبي تحت ڪي بي فيڊر تي جاري پي سي سي لائيننگ جي ڪم جو دورو

ڪراچي- 29 ڊسمبر (اي پي پي) آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو سيڪريٽري آبپاشي ظريف اقبال کهيڙو سان گڏ ڪي - فور منصوبي تحت ڪي بي فيڊر تي جاري پي سي سي لائيننگ جي ڪم جو دورو ڪيو. ان موقعي تي لاڳاپيل سپرنڊنٽ انجنيئر سانول ڪريم، صوبائي وزير کي ڪي - فور منصوبي تحت ڪي بي فيڊر اپر تي جاري پي سي سي لائيننگ جي ڪم بابت تفصيلي …

ڪراچي- 29 ڊسمبر (اي پي پي) آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو سيڪريٽري آبپاشي ظريف اقبال کهيڙو سان گڏ ڪي – فور منصوبي تحت ڪي بي فيڊر تي جاري پي سي سي لائيننگ جي ڪم جو دورو ڪيو. ان موقعي تي لاڳاپيل سپرنڊنٽ انجنيئر سانول ڪريم، صوبائي وزير کي ڪي – فور منصوبي تحت ڪي بي فيڊر اپر تي جاري پي سي سي لائيننگ جي ڪم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. صوبائي وزير چيو ته منصوبو تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ٽنهي سول ورڪس پيڪيجز تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته هن منصوبي سان واهن ۾ پاڻي جي ضايع ٿيڻ ۾ واضح گهٽتائي ايندي، پاڻي جو وهڪرو بهتر ٿيندو ۽ واهه جي گنجائش ۾ اضافو ٿيندو. ڄام خان شورو وڌيڪ چيو ته ڪي – فور فيز ون تحت هن منصوبي ذريعي ڪراچي کي روزانو 260 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويندو. هن موجب هي منصوبو سنڌو درياهه جو پاڻي ڪينجھر ڍنڍ تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. صوبائي وزير چيو ته ڪي – فور پي سي سي لائيننگ منصوبو سنڌ لاءِ انتهائي اهم منصوبو آهي، جنهن سان ڪراچي کي صاف ۽ مستقل پاڻي جي فراهمي بهتر ٿيندي ۽ آبپاشي نظام ۾ پڻ نمايان سڌارو ايندو.