چين جي ايسٽرن ٿيڙ ڪمانڊ جون تائيوان ويجھو مشقن جي شروعات

بيجنگ-29 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي ايسٽرن ٿيڙ ڪمانڊ تائيوان ويجھو جامع فوجي مشقن ”جسٽس مشن 2025ع“ جي شروعات ڪري ڇڏي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ايسٽرن ٿيڙ ڪمانڊ جي ترجمان بريگيڊيئر جنرل شي اي ٻڌايو ته 29 ڊسمبر کان چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ايسٽرن ٿيڙ ڪمانڊ زميني فوج، بحريه، فضائيه ۽ راڪيٽ فورس سميت فوج کي متحرڪ ڪندي تائيوان، تائيوان ٻيٽ جي اتر، ڏکڻ اولھه، ڏکڻ اوڀر …

بيجنگ-29 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي ايسٽرن ٿيڙ ڪمانڊ تائيوان ويجھو جامع فوجي مشقن ”جسٽس مشن 2025ع“ جي شروعات ڪري ڇڏي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ايسٽرن ٿيڙ ڪمانڊ جي ترجمان بريگيڊيئر جنرل شي اي ٻڌايو ته 29 ڊسمبر کان چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ايسٽرن ٿيڙ ڪمانڊ زميني فوج، بحريه، فضائيه ۽ راڪيٽ فورس سميت فوج کي متحرڪ ڪندي تائيوان، تائيوان ٻيٽ جي اتر، ڏکڻ اولھه، ڏکڻ اوڀر ۽ اوڀر ۾ ”جسٽس مشن 2025ع“ جي نالي سان جامع فوجي مشقون شروع ڪري ڇڏيو آھن، انھن مشقن ۾ سامونڊي ۽ ھوائي جنگي تياري، مجموعي ڪنٽرول کي حاصل ڪرڻ، اھم بندرگاھن ۽ علائقن جو گھيراءَ ۽ پرڏيھي محاذ تي دفاعي ڪارروائين جھڙي اھم نڪتن تي عملي تربيت ڏني پئي وڃي. سامونڊي جھازن ۽ ھوائي جھازن جي گھڻ رخن سبب تائيوان ٻيٽ ويجھو پھچڻ ۽ مختلف ھٿياربند خدمتن جي گڏيل حملن جو مقصد ٿيڙ جي فوجن جي گڏيل جنگي صلاحيتن جي جاچ وٺڻ آھي. ايسٽرن ٿيڙ ڪمانڊ واضح ڪيو آهي ته اھي مشقون تائيوان جي الڳ حامي عنصرن ۽ پرڏيھي مداخلت ڪندڙ قوتن لاءِ سخت جواب ۽ قومي خودمختياري جي تحفط ۽ قومي وحدت جي دفاع لاءِ ھڪ جائز ۽ ضروري قدم آھن.

مزید خبریں