گڏيل قومون-29 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن سان لاڳاپيل هجرت بابت عالمي تنظيم چيو آهي ته سوڊان جي رياستن اتر دار فور ۽ ڏکڻ ڪردفان ۾ فوج ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز (آر ايس ايف) وچ ۾ ويڙهه دوران هلندڙ هفتي ٽن ڏينهن ۾ 10 هزار کان به وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي اداري آءِ او ايم گذريل ڏينهن ٻڌايو ته 7 …
سوڊان ۾ جاري ويڙهه دوران ٽن ڏينهن ۾ 10 هزار ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون-29 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن سان لاڳاپيل هجرت بابت عالمي تنظيم چيو آهي ته سوڊان جي رياستن اتر دار فور ۽ ڏکڻ ڪردفان ۾ فوج ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز (آر ايس ايف) وچ ۾ ويڙهه دوران هلندڙ هفتي ٽن ڏينهن ۾ 10 هزار کان به وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي اداري آءِ او ايم گذريل ڏينهن ٻڌايو ته 7 هزار کان به وڌيڪ ماڻهن اتر دار فور جي شهرن ام برو ۽ ڪرنوي مان لڏ پلاڻ ڪئي، جن تي ڪجهه ڏينهن اڳ آر ايس ايف قبضو ڪيو هو. گڏيل قومن مطابق ڏکڻ ڪردفان ۾ 3 هزار کان به وڌيڪ ماڻهن دوقلي شهر سينقل لڏ پلاڻ ڪئي، جنهن جو آر ايس ايف گهيراءُ ڪيو هو ۽ اهو فوج جي ڪنٽرول ۾ آهي، اتان جا رهاڪو ڏڪار جو شڪار آهن. ڏکڻ ڪردفان ۾ ابو جبيهه جي علائقي ۾ باهه لڳڻ سبب بي گهر ماڻهن جون 45 پناهه گاهون سڙي ويون. واضح رهي ته ريپڊ سپورٽ فورسز گذريل ڏينهن اتر دار فور جي شهرن ابو قمره ۽ ام برو تي قبضي جو اعلان ڪيو هو. مقامي ذريعن موجب آر ايس ايف جا ويڙهاڪ سوڊان جي اتر اولهه سرحد تي الزغاوه قبيلي جي علائقن طرف وڌي رهيا آهن ۽ علائقي ۾ چڪريون تيز ٿي رهيون آهن آڪٽوبر ۾ الفاشر شهر تي قبضي ذريعي جڏهن کان آر ايس ايف پاڙيسري علائقي دار فور تي قبضو مضبوط ڪيو آهي، ڪجهه مهينن ۾ ڪردفان جي شهرن ۾ ويڙهه ۾ شدت آئي آهي. گڏيل قومن موجب ان جنگ سبب دنيا جو بدترين انساني بحران پيدا ٿي چڪو آهي، جنگ جي شروعات کان هاڻي تائين 11 ملين کان به وڌيڪ ماڻهو سوڊان جي اندر ۽ ٻاهر بي گهر ٿي چڪا آهن.











