چين جي پرڏيهي وزير جي ڪمبوڊيا جي نائب وزيراعظم ۽ ٿائيلينڊ جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

بيجنگ-29 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي ڪمبوڊيا جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پراڪ سوڪ هون ۽ ٿائي لينڊ جي پرڏيهي وزير سيها سڪ ڦوانڪک ٽڪيو سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ کين ڪمبوڊيا ۽ ٿائي لينڊ جي هٿياربند فوج وچ ۾ جنگ بندي معاهدو طئي ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون. پرڏيهي ميڊيا موجب سي پي سي سينٽرل ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر ۽ پرڏيهي …

بيجنگ-29 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي ڪمبوڊيا جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پراڪ سوڪ هون ۽ ٿائي لينڊ جي پرڏيهي وزير سيها سڪ ڦوانڪک ٽڪيو سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ کين ڪمبوڊيا ۽ ٿائي لينڊ جي هٿياربند فوج وچ ۾ جنگ بندي معاهدو طئي ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون. پرڏيهي ميڊيا موجب سي پي سي سينٽرل ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر ۽ پرڏيهي وزير وانگ اي چين جي صوبي يوننان جي شهر يوشي ۾ ڪمبوڊيا جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پراڪ سوڪ هون سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وانگ اي چيو ته سمورين ڌرين جي گڏيل ڪوششن سان ڪمبوڊيا ۽ ٿائي لينڊ جي هٿياربند فوج جنگ بندي معاهدو ڪري ورتو آهي. جيڪو امن جي بحالي طرف هڪ اهم قدم آهي ۽ چين ان تي مبارڪون ڏئي ٿو. جنگ بندي ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ جي عوام جي گڏيل خواهشن ۽ خطي جي ملڪن جي عام اميدن مطابق آهي ۽ چين تي پڻ اعتماد آهي ته هن سمورين ڌرين طرفان آجيان ۽ حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته چين کي اُميد آهي ته سڀئي گڏجي يونان مان امن جو آواز بلند ڪنداسين، امن تي اتفاق راءِ پيدا ڪنداسين ۽ امن جي مستقبل جو منظرنامو پيش ڪنداسين. ان موقعي تي پراڪ سوڪ هون چيو ته ڪمبوڊيا تڪرار جي ٽياڪڙي ۾ چين جي هاڪاري ڪردار جي تمام گهڻي تعريف ڪري ٿو ۽ تمام جلد امن جي قيام جي اميد رکي ٿو ته ان ٽه ڌري ملاقات سان امن جي بحالي ۾ مدد ملندي. ٿائيلينڊ جي پرڏيهي وزير ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي تڪرار جي حل لاءِ چين پاران هاڪاري ۽ تعميري ڪوششن جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته ٿائيلينڊ جٽادار جنگ بندي جي قيام ۽ حقيقي امن حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں