صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو پاران بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو ۾ ڊيجيٽل ليب ۽ اي مارڪنگ ليب جو افتتاح

لاڙڪاڻو-29 ڊسمبر (اي پي پي) يونيورسٽيز ۽ تعليمي بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو ۾ ڊيجيٽل ليب ۽ اي مارڪنگ ليب جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب ۾ سيڪريٽري يونيورسٽيز و بورڊز محمد عباس بلوچ، چيئرمين انٽرميڊيٽ بورڊ لاڙڪاڻو ۽ بورڊ جا آفيسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي صوبائي وزير کي بورڊ جي مجموعي ڪارڪردگي، امتحاني نظام ۽ انتظامي معاملن بابت …

لاڙڪاڻو-29 ڊسمبر (اي پي پي) يونيورسٽيز ۽ تعليمي بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو ۾ ڊيجيٽل ليب ۽ اي مارڪنگ ليب جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب ۾ سيڪريٽري يونيورسٽيز و بورڊز محمد عباس بلوچ، چيئرمين انٽرميڊيٽ بورڊ لاڙڪاڻو ۽ بورڊ جا آفيسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي صوبائي وزير کي بورڊ جي مجموعي ڪارڪردگي، امتحاني نظام ۽ انتظامي معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو ته اي مارڪنگ ليب جي قيام جو مقصد جديد ٽيڪنالاجي ذريعي امتحاني نظام کي شفاف بڻائڻ ۽ نتيجن جي وقت سر تياري ۽ اعلان کي يقيني بڻائڻ آهي، سنڌ حڪومت تعليمي بورڊز ۾ سڌارن جي عمل کي تيز ڪري رهي آهي ته جيئن شاگردن کي جديد ۽ معياري سهولتون فراهم ڪيون وڃن. امتحاني نظام ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي. اي مارڪنگ سان شفافيت وڌندي ۽ نتيجا وقت تي جاري ٿيندا.