شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جو ستون ڪانووڪيشن منعقد، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص مهمان طور شرڪت

لاڙڪاڻو-29 ڊسمبر (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي (ايس ايم بي بي ايم يو) لاڙڪاڻو جو ستون ڪانووڪيشن مرڪزي آريجا ڪيمپس ۾ مڪمل تعليمي وقار، شان ۽ سنجيدگي سان منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب جي صدارت ڪئي. ڪانووڪيشن پروسيشن جي آمد کان پوءِ …

لاڙڪاڻو-29 ڊسمبر (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي (ايس ايم بي بي ايم يو) لاڙڪاڻو جو ستون ڪانووڪيشن مرڪزي آريجا ڪيمپس ۾ مڪمل تعليمي وقار، شان ۽ سنجيدگي سان منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب جي صدارت ڪئي. ڪانووڪيشن پروسيشن جي آمد کان پوءِ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه، وڏي وزير کي ڪانووڪيشن جو باقاعده افتتاح ڪرڻ جي گذارش ڪئي، جنهن تي هن ڪانووڪيشن اوپن جو اعلان ڪيو. روايتي طريقي سان تعليم مڪمل ڪندڙ شاگردن کي ڊگريون ڏنيون ويون. گريجوئيٽس پنھنجي پنھنجي شعبي سان وابستگي، ايمانداري ۽ عوامي خدمت جو حلف پڻ کنيو. نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي تعليمي ميدان ۾ شاندار ڪاميابين عيوض سون، چاندي ۽ پتل جا ٻِلا پڻ ڏنا ويا. سرڪاري انگن اکرن موجب مجموعي طور 317 شاگردن کي ڊگريون مليون، جن ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جا 115، غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج سکر جا 29، بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جا 29، بينظير نرسنگ ڪاليج جا 80، انسٽيٽيوٽ آف فارمييسي جا 29 ۽ انسٽيٽيوٽ آف فزيوٿراپي جا 35 شاگرد شامل هئا. مجموعي طور 38 شاگردن کي تمغا ڏنا ويا، جن ۾ 18 سون، 10 چاندي ۽ 8 ڪانسي جا تمغا شامل آهن. پوسٽ گريجوئيٽ ڪيٽيگري ۾ ڊاڪٽر سونالي کي پروفيسر وزير محمد شيخ ميموريل گولڊ ميڊل، ڊاڪٽر عريج کي پروفيسر نور محمد ميموريل گولڊ ميڊل، ڊاڪٽر افضل حسين کي پروفيسر بلقيس ملڪ ميموريل گولڊ ميڊل، ڊاڪٽر بختاور کي پروفيسر غلام رسول قريشي ميموريل گولڊ ميڊل ۽ ڊاڪٽر صبا کي پروفيسر اڪبر سيال ميموريل گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو. مجموعي طور ستين ڪانووڪيشن ۾ نياڻين نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون. تقريب دوران گريجوئيٽس ۽ سندن وارثن ۾ خوشي، فخر ۽ جذباتي لمحن جا منظر ڏسڻ ۾ آيا. تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي خواب موجب قائم ڪيل هن اداري ۾ موجود هجڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته ڪانووڪيشن علم، محنت ۽ استقلال جو جشن آهي ۽ تعليم مڪمل ڪندڙ شاگرد ملڪ جو مستقبل آهن، جن کي پنهنجون صلاحيتون انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪرڻ گهرجن. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ايس ايم بي بي ايم يو تعليمي معيار، تحقيق ۽ سماجي ذميواري جي حوالي سان نمايان مقام حاصل ڪيو آهي، جيڪو لاڙڪاڻو ۽ پوري سنڌ لاءِ فخر جو سبب آهي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه چيو ته هي ڏينهن يونيورسٽي لاءِ فخر جو لمحو آهي، جتي شاگرد پنهنجي عملي زندگي جي شروعات ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي جو مشن صرف ڊگريون ڏيڻ نه، پر سماج لاءِ با اخلاق، ذميوار ۽ صحت جا ماهر تيار ڪرڻ آهي. تعليم مڪمل ڪندڙ شاگردن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي والدين، استادن ۽ يونيورسٽي جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سماج جي بهتري لاءِ پنهنجو علم ۽ مهارتون استعمال ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ڪانووڪيشن جي صدارت ڊين پروفيسر سيد يوسف شاهه ڪئي.