پيپلز پارٽي عورتن واري شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري

لاڙڪاڻو-27 ڊسمبر (اي پي پي)پيپيلز پارٽي عورتن واري شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي موقعي تي سندس  مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. فريال ٽالپر  ڳڙهي خدا بخش ۾ قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي مزار تي به حاضري ڀري، مزارن تي گل چادر چاڙھي ۽ ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي ته …

لاڙڪاڻو-27 ڊسمبر (اي پي پي)پيپيلز پارٽي عورتن واري شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي موقعي تي سندس  مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. فريال ٽالپر  ڳڙهي خدا بخش ۾ قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي مزار تي به حاضري ڀري، مزارن تي گل چادر چاڙھي ۽ ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي ته ساڻس گڏ صوبائي گهرو وزير ضياء الحسن لنجار پڻ گڏ هو.