سکر -27 ڊسمبر (اي پي پي) شهيد بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي ملهائي وئي، سکر ۽ ٻين شهرن کان وڏي انگ ۾ عوامي قافلا ڳڙهي خدابخش پهچي ويا. پي پي پي جون اهم شخصيتون به ڳڙهي خدابخش پهچي ويون آهن، جڏهن ته هر هنڌ آجياڻي واريون ڪيمپون لڳايون ويون آهن. ياد رهي ته بينظير ڀٽو 21 جون 1953ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿي، هن ڪونوينٽ آف جيزز اينڊ ميري …
شهيد بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي ملهائي وئي، سڄي ملڪ مان پي پي پي جا هزارين ڪارڪن ڳڙهي خدابخش پهچي ويا

مزید خبریں
سکر -27 ڊسمبر (اي پي پي) شهيد بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي ملهائي وئي، سکر ۽ ٻين شهرن کان وڏي انگ ۾ عوامي قافلا ڳڙهي خدابخش پهچي ويا. پي پي پي جون اهم شخصيتون به ڳڙهي خدابخش پهچي ويون آهن، جڏهن ته هر هنڌ آجياڻي واريون ڪيمپون لڳايون ويون آهن. ياد رهي ته بينظير ڀٽو 21 جون 1953ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿي، هن ڪونوينٽ آف جيزز اينڊ ميري ڪراچي گرامر اسڪول مان ابتدائي تعليم حاصل ڪئي جڏهن ته هارورڊ ۽ آڪسفورڊ اهي درسگاهون آهن، جتي بينظير ڀٽو شهيد پوليٽيڪل سائنس ۽ عالمي قانون ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي.











