سال 2025ع دوران ايڌي سينٽر حيدرآباد پاران 17 هزار 132 مريضن کي اسپتال ۽ اسپتال کان گهر منتقل ڪرڻ جي لاءِ ايڌي ايمبولينس فراهم ڪئي وئي

حيدرآباد -27 ڊسمبر(اي پي پي ) سال 2025 دوران ايڌي سينٽر حيدرآباد پاران 17 هزار 132 مريضن کي اسپتال ۽ اسپتال کان گهر منتقل ڪرڻ جي لاءِ ايڌي ايمبولينس فراهم ڪئي وئي. ايڌي سينٽر حيدرآباد جي ترجمان هلندڙ سال بابت حيدرآباد ڊويزن جي حوالي سان پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته سال 2025 ۾ 17 هزار 132 مريضن کي اسپتال ۽ اسپتال کان گهر منتقل ڪرڻ جي لاءِ …

حيدرآباد -27 ڊسمبر(اي پي پي ) سال 2025 دوران ايڌي سينٽر حيدرآباد پاران 17 هزار 132 مريضن کي اسپتال ۽ اسپتال کان گهر منتقل ڪرڻ جي لاءِ ايڌي ايمبولينس فراهم ڪئي وئي. ايڌي سينٽر حيدرآباد جي ترجمان هلندڙ سال بابت حيدرآباد ڊويزن جي حوالي سان پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته سال 2025 ۾ 17 هزار 132 مريضن کي اسپتال ۽ اسپتال کان گهر منتقل ڪرڻ جي لاءِ ايڌي ايمبولينس فراهم ڪئي وئي جڏهن ته  روڊ حادثن جي 400 کان وڌيڪ زخمين کي اسپتالن تائين پهچايو  ويو ۽  مختلف حادثن ۾ فوت ٿيل  90 ماڻهن لاءِ ايڌي ايمبولينس فراهم ڪئي وئي. رپورٽ موجب  هلندڙ سال فائرنگ جي واقعن ۾ 4 ڄڻا زخمي ۽ 18 ڄڻا فوت ٿيا، اهڙي ريت سال 2025 دوران مختلف هنڌن تي ٿيل ڌماڪن ۾ 6  ڄڻا زخمي ۽ 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته مبينه آپگهات جي واقعن ۾ 15 ڄڻا فوت ٿيا. ترجمان موجب سال 2025 ۾ ٽرين  هيٺان اچڻ سبب 19 ماڻهو فوت ٿيا. هلندڙ سال 23 تازن ڄاول ٻارن جا لاش به هٿ آيا جن مان 11 لاش ڪچري جي ڍيرن تان ۽ ٻيا مختلف اسپتالن مان هٿ آيا. ترجمان موجب هلندڙ سال تشدد جي واقعن ۾ 13 ماڻهو فوت ٿيا جڏهن ته ايڌي فائونڊيشن کي 126 لاوارث لاش مليا جن کي غسل ۽ ڪفن ڏيڻ کان پوءِ دفنايو ويو.