گهرو وزير ضيا الحسن لنجار پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان سيڪيورٽي اجلاس جي صدارت

لاڙڪاڻو-26 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضيا الحسن لنجار جي ايس ايس پي آفيس لاڙڪاڻو آمد، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان سيڪيورٽي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻيا ضلعي آفيسر پڻ موجود هيا.ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي طرفان ڳڙهي خدا بخش، نئون ديرو ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ پوليس سيڪيورٽي قدمن …

لاڙڪاڻو-26 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضيا الحسن لنجار جي ايس ايس پي آفيس لاڙڪاڻو آمد، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان سيڪيورٽي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻيا ضلعي آفيسر پڻ موجود هيا.ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي طرفان ڳڙهي خدا بخش، نئون ديرو ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ پوليس سيڪيورٽي قدمن جي تفصيلي بريفنگ ڏني. ورسي جي موقعي تي 8500 پوليس آفسرن ۽ جوان فرضن جي ادائيگي لاءِ مقرر آهن. سينٽرل پوليس آفيس جي طرفان لاڙڪاڻو جي ڊسپوزل تي ڏنل نفري ان کان سواءِ آهي. ريپڊ ريسپانس فورس سميت عورت پوليس اهلڪارن کي پڻ مقرر ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته سڀني مرڪزي گذرگاهن، وي وي آءِ پي روٽس ۽ ٻين اهم هنڌن جو سوئپنگ ۽ ڪلئيرنس جو عمل جاري آهي. مزار، جلسي گاه ۽ چوڌاري علائقن جي سوئپنگ جو عمل اڄ رات تائين مڪمل ٿي ويندو. مزار، جلسي گاه ۽ روٽس تي اونڌاهي ۾ نظر وارا ڪئميرا مستقل بنيادن تي لڳايا ويا آهن. ڪچي علائقن جي اچ وڃ وارن رستن تي پڻ مستقل بنيادن تي ڪئميرا  لڳي چڪا آهن. هن چيو ته عاقل شاهه ٿاڻي کان ڪچي جي علائقن جي مانيٽرنگ ۽ ريسپانس جو عمل جاري آهي.سڀئي ڪئميرائون سولر سسٽم سان ڳنڍيل آهن. سڀني پوليس پوسٽن کي سينگار ۽ مرمت کان پوءِ سڀني سهولتن سان گڏ فعال ڪري ويو آهي. مزار تي سيڪيورٽي قدم 4 تهن تي مشتمل آهن. جلسي گاه ۾ ڪنهن به قسم جي بيگ، ٿيلهي يا سامان کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي. جلسي گاه اندر پوليس جون خصوصي ٽيمون چشت ۽ متحرڪ رهنديون ۽ شڪي ماڻهن تي نظر رکنديون. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏهاڙي جي موقعي تي صوبي ۾ سيڪيورٽي جا فل پروف انتظام يقيني بڻايا وڃن. جلسي گاه، اچ وڃ جي رستن، پارڪنگ علائقن ۽ چوڌاري علائقن ۾ پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن جي اضافي نفري مقرر ڪئي وڃي.ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳجهي نگراني، واڪ ٿرو گيٽس، ميٽل ڊيٽيڪٽرز ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرائن سان هٿ چراند جي نگراني يقيني بڻائي وڃي. شهرين جي سهولت ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٽريفڪ پلان ترتيب ڏنو وڃي، متبادل رستن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ اهلڪار مقرر ڪيا وڃن.امن ۽ امان ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي.عوام کي اپيل آهي ته سيڪيورٽي ادارن سان تعاون ڪن، شڪي سرگرمين جي فوري اطلاع ڏي.