ڪراچي -26 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڊبل ڊيڪر بسن جي شروعات جلد ٿيڻ واري آھي جنھن سان شھرين کي جديد سفري سھولت ملندي، روڊن تي ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ گھٽتائي ايندي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظام وڌيڪ منظم بڻجندو سندس چوڻ ھو تھ ڪراچي جھڙي وڏي شھر ۾ عوامي ٽرانسپورٽ کي …
ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسن جي شروعات جلد ٿيڻ واري آھي جنھن سان شھرين کي جديد سفري سھولت ملندي: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي -26 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڊبل ڊيڪر بسن جي شروعات جلد ٿيڻ واري آھي جنھن سان شھرين کي جديد سفري سھولت ملندي، روڊن تي ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ گھٽتائي ايندي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظام وڌيڪ منظم بڻجندو سندس چوڻ ھو تھ ڪراچي جھڙي وڏي شھر ۾ عوامي ٽرانسپورٽ کي مضبوط بڻائڻ وقت جي اھم ضرورت ۽ سنڌ حڪومت جي پھرين اوليت آھي. اهڙو اظهار هن ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جو ھڪ اھم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو.اجلاس ۾ صوبي ۾ جاري ۽ آئيندي شروع ٿيڻ وارن ٽرانسپورٽ جي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي يلو لائن بي آر ٽي رٿائن تي جاري ترقياتي ڪمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ تعميراتي مرحلن، درپيش چيلنجز، ٽائيم لائن ۽ آئيندي جي ھدفن تي روشني وڌي وئي. اجلاس ۾ ڪراچي شھر ۾ متعارف ٿيندڙ نون ڊبل ڊيڪر بسن جي حوالي سان مڪمل آگاھي ڏني وئي.اُن موقعي تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ھدايت ڏيندي چيو تھ جتي جتي ممڪن ٿي سگھي اُتي متوازي ڪم شروع ڪيو وڃي تھ جيئن منصوبا غير ضروري دير جو شڪار نھ ٿين. ھن چيو تھ حڪومت جي ڪوشش آھي تھ سمورا منصوبا مقرر مدي اندر مڪمل ٿين تھ جيئن عام جلد کان جلد اُنھن مان لاڀ ماڻي سگھي. ھن پنڪ اسڪوٽيز منصوبي جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان ڳالھائيندي چيو تھ ھن مرحلي ۾ عورتن کي جلد اسڪوٽيز ڏنيون وينديون. سندس چوڻ ھو تھ ھي قدم پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت طرفان عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ کين خودمختيار بڻائڻ جو عملي قدم آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو تھ اي وي بسن جا نوان روٽ بھ جلد شروع ڪيا پيا وڃن، جنھن سان نھ رڳو عوام کي سستي ۽ ماحول دوست سفري سھولت ملندي پر ماحولياتي گدلاڻ ۾ گھٽتائي ۾ مدد ملندي. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت جديد ٽرانسپورٽ نظام ذريعي عوام جي معيار زندگي کي بھتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آھي.اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سي اي او ٽرانس ڪراچي فواد غفار سومرو، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪنول نظام ڀٽو، يلو لائن بي آر ٽي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.









