قائداعظم جو جنم ڏينهن ۽ ڪرسمس جو ڏينهن خوشي ۽ ڀائيچاري جا ڏينهن آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي-25 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ قائداعظم جي جنم ڏينهن ۽ ڪرسمس جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته قائداعظم جو جنم ڏينهن ۽ ڪرسمس جو ڏينهن خوشي ۽ ڀائيچاري جا ڏينهن آهن، پوري قوم قائداعظم جو ڏينهن ملهائي رهي آهي ۽ عيسائي برادري ڪرسمس جو ڏينهن ملهائي رهي آهي، قائداعظم جو اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جي اصولن تي ٻڌل ويزن اڄ به قوم لاءِ …

ڪراچي-25 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ قائداعظم جي جنم ڏينهن ۽ ڪرسمس جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته قائداعظم جو جنم ڏينهن ۽ ڪرسمس جو ڏينهن خوشي ۽ ڀائيچاري جا ڏينهن آهن، پوري قوم قائداعظم جو ڏينهن ملهائي رهي آهي ۽ عيسائي برادري ڪرسمس جو ڏينهن ملهائي رهي آهي، قائداعظم جو اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جي اصولن تي ٻڌل ويزن اڄ به قوم لاءِ هڪ مشعل راهه آهي.هن چيو ته اسان کي سڀني اختلافن کي پوئتي ڇڏي ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، قائداعظم جي پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته هر شهري کي برابر موقعا ملن، سڀ شهري آزادي ۽ وقار سان زندگي گذاري سگهن.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته قوم کي پنهنجي قومي سڃاڻپ ۽ قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوششون ڪرڻيون پونديون ته جيئن پاڪستان ۾ سڀني برادرين جا حق محفوظ رهي سگهن، پاڪستان جي ڀلائي ۽ خوشحالي لاءِ اسان کي انا ۽ تعصب کي وساري هڪ مضبوط ۽ متحد قوم بڻجڻو پوندو.هن چيو ته ڪرسمس اسان کي امن، محبت ۽ رحمدلي جي سچي پيغام جي ياد ڏياري ٿو، ۽ اسان کي سيکاري ٿو ته اسان سڀني کي گڏجي هڪ خوشحال سماج ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. پيپلز پارٽي قائداعظم جي اصولن مطابق اقليتي برادري جي حقن جي تحفظ ۽ هٿي لاءِ پرعزم آهي.