حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس

حيدرآباد -24 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر فياض حسين عباسي جي صدارت هيٺ شهباز هال، شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ آٽو ڀان روڊ فيز ٿري ۽ ٻين اهم ترقياتي منصوبن سان لاڳاپيل معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٽنڊو ڄام باءِ پاس، حسين آباد کان لطيف آباد نمبر 11 روڊ، عبدالستار ايڌي روڊ فيز ٽو ۽ فيز ٿري سميت مختلف فليگ …

حيدرآباد -24 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر فياض حسين عباسي جي صدارت هيٺ شهباز هال، شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ آٽو ڀان روڊ فيز ٿري ۽ ٻين اهم ترقياتي منصوبن سان لاڳاپيل معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٽنڊو ڄام باءِ پاس، حسين آباد کان لطيف آباد نمبر 11 روڊ، عبدالستار ايڌي روڊ فيز ٽو ۽ فيز ٿري سميت مختلف فليگ شپ ترقياتي اسڪيمَن تي اڳڀرائي تي غور ڪيو ويو.اجلاس ۾ ميئر حيدرآباد ڪاشف حسين شورو، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رضا ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ، ايس ايس پي عديل چانڊيو، ميونسپل ڪمشنر ظهور لکڻ، ڊي ايس پاڪستان ريلوي محمود الرحمان لاکو، واپڊا، سوئي گيس، پي ٽي سي ايل، لاڳاپيل کاتن جا آفيسر ۽ سائيٽ ايسوسيئيشن جا نمائندا شريڪ ٿيا.اجلاس کي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ ترقياتي ڪمن جي درپيش مسئلن بابت بريفنگ ڏني، جنهن ۾ يوٽيلٽي ڪنيڪشنز جي منتقلي، بجلي جي ٿنبن جي شفٽنگ، پاڻي ۽ سوئي گئس لائينز جي منتقلي، غير قانوني قبضن ۽ زمين جي حصول سان لاڳاپيل مسئلا شامل هئا. ڪمشنر حيدرآباد لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کان يوٽيلٽي ڪنيڪشنز جي منتقلي بابت پيش رفت معلوم ڪئي ۽ کين واضح ٽائيم لائين ڏيڻ جي هدايت ڪئي.اجلاس ۾ شهر اندر غير قانوني قبضن جي مسئلي تي به تفصيلي بحث ٿيو، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر روڊن تي ريڙهي وارن کي روڪڻ لاءِ مستقل پوليس مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني. ڪمشنر حيدرآباد واضح هدايت جاري ڪندي چيو ته واڌو واھ روڊ کي مڪمل طور غير قانوني قبضن  کان آجو ڪيو وڃي ۽ روڊ کي صاف سٿرو رکيو وڃي ڇو ته شهر ۾ داخل ٿيندڙ ماڻهن لاءِ اهو  روڊ ئي  شھر بابت پهريون تاثر هوندو آهي.اجلاس جي پڄاڻي تي ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي چيو ته سڀئي ترقياتي منصوبا عوامي مفاد ۾ آهن ۽ انهن ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. هن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته گڏيل سهڪار سان مسئلن کي فوري طور حل ڪيو وڃي ۽ ترقياتي ڪمن کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.