حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جون پگھارون، پينشن، جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون وقت سر ادا ڪيون وڃن: صوبائي (محتسب) سنڌ جو ريجنل ڊائريڪٽر

لاڙڪاڻو - 24 ڊسمبر (اي پي پي )صوبائي (محتسب) سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر علي اڪبر جاگيراڻي چيو آهي ته حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جون پگھارون، پينشن، جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون وقت سر ادا ڪيون وڃن، انهن بابت جيڪڏهن ڪي مسئلا درپيش آهن ته انهن بابت ٻڌايو وڃي ۽ رڪاوٽن کي دور ڪيو وڃي .اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس لاڙڪاڻي ۾ ملازمن جي مسئلن …

لاڙڪاڻو – 24 ڊسمبر (اي پي پي )صوبائي (محتسب) سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر علي اڪبر جاگيراڻي چيو آهي ته حاضر سروس ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جون پگھارون، پينشن، جي پي فنڊ ۽ ٻيون رهتون وقت سر ادا ڪيون وڃن، انهن بابت جيڪڏهن ڪي مسئلا درپيش آهن ته انهن بابت ٻڌايو وڃي ۽ رڪاوٽن کي دور ڪيو وڃي .اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس لاڙڪاڻي ۾ ملازمن جي مسئلن جي حل بابت ڪوٺايل هڪ کلي ڪچهري ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر کي هدايتون ڏيندي چيو ته ملازمن جي پينشن، پگھارن، جي پي فنڊ ۽ ٻين رهتن بابت جيڪي به گھرجون آهن انهن بابت پڻ ٻڌايو وڃي ته جيئن ملازم انهن کي پورو ڪري سگھن ۽ کين رهتون ملي سگھن. هن ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر لاڙڪاڻو الطاف حسين منگي، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر لاڙڪاڻو عبدالفتاح سومرو کي هدايتون ڏيندي چيو ته اوهان پنهنجي عملي کي پابند ڪريو ته اهي سرڪاري ملازمن ۽ خاص طور تي رٽائرڊ ملازمن جا مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪن ۽ سندن ڪاغذات ٺاهڻ ۾ دير نه ٿيڻ گھرجي. ان سان گڏوگڏ هن درخواست گذارن کي چيو ته اوهان جون جيڪي به رهتون آهن اهي بروقت ادا ڪيون وينديون پر ان لاءِ ضروري آهي ته گھربل ڪاغذات مڪمل هئڻ گھرجن.هن وڌيڪ چيو ته جيڪي به ملازم اوهان وٽ درخواستون کڻي اچن يا ڪيس جمع ڪرائين انهن تي بروقت غور ڪيو وڃي ۽ جيڪي به قانوني رڪاوٽون هجن ملازمن کي انهن بابت ٻڌايو ته جيئن اهي مڪمل ڪري سگھن ۽ کين ڪنهن به قسم جي رنڊڪ نه پوي.ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر لاڙڪاڻو الطاف حسين منگي ۽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر لاڙڪاڻو عبدالفتاح سومرو ڳالهائيندي چيو ته جن به ملازمن جون مالي مدد لاءِ درخواستون ڏنيون آهن انهن درخواستگذارن جي ويريفڪيشن ڪئي وڃي ته جيئن حقدارن کي پنهنجو حق ملي سگھي. هن وڌيڪ چيو ته اوهان پنهنجي لاڳاپيل آفيسن ۾ درخواست ڏيو ته جيئن اوهان جي رهتن جي ادائگي لاءِ مٿي اڪائونٽنٽ جنرل کي ڪيس موڪليو وڃي.ان موقعي تي تقريبن 20 کان 22 درخواستون مليون آهن جن ۾ 10 درخواستن کي موقعي تي ئي اڪلايو ويو ۽ باقي رهيل درخواستن کي واسطيدار کاتن ڏانهن موڪليو ويو. درخواست گذارن ۾ عرضدار نظر محمد، افروز خاتون، عبدالله شاھ، سفير احمد سومرو، غلام حسين، مبشر علي ۽ ٻين پينشن ڪيسن، جي پي فنڊ ۽ رهتن متعلق درخواستون پڻ جمع ڪرايون جن جي حل لاءِ موقعي تي حڪم جاري ڪيا ويا.کلي ڪچهريءَ ۾ اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسر عرفان علي عمراڻي ۽ کاتي جي واسطيدار عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں