لنڊن- 23 ڊسمبر (اي پي پي) برطانوي رسالي ”فنانشل ٽائمز“ چيو آهي ته چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير تيزيءَ سان بدلجندڙ عالمي سياست ۾ پاڪستان لاءِ نوان سفارتي موقعا پيدا ڪيا آهن. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان جي سفارتڪاري جي بدلجندڙ عالمي ماحول کي اثرائتي انداز ۾ اڳتي وڌايو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وقت سر خوشگوار ڳالهين ۽ نرم …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير تيزيءَ سان بدلجندڙ عالمي سياست ۾ پاڪستان لاءِ نوان سفارتي موقعا پيدا ڪيا: فنانشل ٽائمز

مزید خبریں
لنڊن- 23 ڊسمبر (اي پي پي) برطانوي رسالي ”فنانشل ٽائمز“ چيو آهي ته چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير تيزيءَ سان بدلجندڙ عالمي سياست ۾ پاڪستان لاءِ نوان سفارتي موقعا پيدا ڪيا آهن. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان جي سفارتڪاري جي بدلجندڙ عالمي ماحول کي اثرائتي انداز ۾ اڳتي وڌايو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وقت سر خوشگوار ڳالهين ۽ نرم سفارتي رويو اثرائتو ثابت ٿيو. رسالي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي گهڻ رُخي پرڏيهي پاليسي جو ماهر قرار ڏيندي چيو آهي ته عاصم منير بدلجندڙ عالمي نظام ۾ سڀ کان اثرائتو اسٽريٽجڪ اڳواڻ بڻجي اُڀريو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب فنانشل ٽائمز پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته بدلجندڙ عالمي سياست مڊل پاورز لاءِ نئون پر مشڪل دؤر کولي ڇڏيو آهي ۽ مڊل پاورز لاءِ اها اڳڀرائي خاص پيچيده ثابت ٿي رهي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير وچولي طاقتن جي سڀ کان ڪامياب ملٽي الائنرز ۾ شامل آهي ۽ صدر ٽرمپ جي غير رسمي انداز سان سڀ کان بهتر هم آهنگ هئڻ جو اعزاز پاڪستان جي عسڪري سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڏانهن وڃي ٿو. فنانشل ٽائمز چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مڊل پاورز لاءِ هڪ ڪامياب گهڻي رُخي حڪمت عملي جو واضح مثال آهي. فنانشل ٽائمز چيو ته پاڪستان جي قيادت واشنگٽن، بيجنگ، رياض ۽ تهران وچ ۾ هڪ ئي وقت رابطن ۾ متحرڪ آهي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير تيزيءَ سان بدلجندڙ عالمي سياست ۾ پاڪستان لاءِ نوان سفارتي موقعا پيدا ڪيا آهن. فنانشل ٽائمز چيو آهي ته ڀارت لاءِ وچولي طاقت جي راند اميدن کان وڌيڪ مشڪل ثابت ٿي، ڀارت بدلجندڙ عالمي حالتن ۽ ٽرمپ جي انداز سان هم آهنگ نه ٿي سگهيو، ان سفارتي ناڪاميءَ سبب ڀارت کي مڊل پاور حڪمت عملي ۾ ڏُکيائيون درپيش آهن.











