اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ 135 ارب رپين جو ڪامياب واڪ سيڙپڪارن جي اعتماد جو مظهر آهي. عارف حبيب ڪنسورشيم جو ڪامياب واڪ معيشت جي بحاليءَ جي علامت آهي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ …
پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ 135 ارب رپين جو ڪامياب واڪ سيڙپڪارن جي اعتماد جو مظهر آهي: سردار اويس احمد خان لغاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ 135 ارب رپين جو ڪامياب واڪ سيڙپڪارن جي اعتماد جو مظهر آهي. عارف حبيب ڪنسورشيم جو ڪامياب واڪ معيشت جي بحاليءَ جي علامت آهي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ نجڪاريءَ جو تاريخي مڪمل ٿيو. صلاحڪار محمدعلي جي ڪوششن ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي رهنمائي اهم ثابت ٿي. پي آءِ اي جي نجڪاري عالمي برادريءَ جي پاڪستان تي وڌندڙ اعتماد جو ثبوت آهي. هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاريءَ سان حڪومتي سڌارن ۽ شفاف پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ٿئي ٿي ۽ اها ڪاميابي پاڪستان جي معاشي استحڪام طرف مضبوط اڳڀرائيءَ جي نشاندهي ڪري ٿي.











