اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 2025ع جي آخري قومي پوليو مهم ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿي وئي آهي. ان مهم دوران سڄي ملڪ ۾ 4 ڪروڙ 46 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويا. مهم سمورن صوبن ۽ علائقن ۾ ڀرپور ڪوريج حاصل ڪئي. پنجاب ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 29 لک، سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 6 لک، ڪي پي ڪي ۾ …
سڄي ملڪ ۾ 2025ع جي آخري قومي پوليو مهم ڪاميابيءَ سان مڪمل

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ 2025ع جي آخري قومي پوليو مهم ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿي وئي آهي. ان مهم دوران سڄي ملڪ ۾ 4 ڪروڙ 46 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويا. مهم سمورن صوبن ۽ علائقن ۾ ڀرپور ڪوريج حاصل ڪئي. پنجاب ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 29 لک، سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 6 لک، ڪي پي ڪي ۾ 71 لک 57 هزار کان وڌيڪ ۽ بلوچستان ۾ 25 لک 83 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئاريا ويا. اسلام آباد ۾ 4 لک 50 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويا، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ 2 لک 74 هزار کان وڌيڪ ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 7 لک 14 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي ويڪسين ڏني وئي. مهم جو افتتاح صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، صحت واري وفاقي وزير سيڪريٽري ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر محمد انوار الحق سان گڏ نيشنل پوليو بابت ايمرجنسي آپريشن سينٽر ۾ عالمي حصيدار تنظيمن جي نمائندن ۽ پاڪستان پوليو پروگرام جي سينيئر عملدارن جي موجودگيءَ ۾ ڪيو ويو هو. مهم دوران قومي ۽ صوبائي قيادت ويڪسينيشن جي ڪوريج مهم جي معيار ۽ مجموعي آپريشنل ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ وسيع پيماني تي فيلڊ دؤرا ڪيا ۽ مهم جي حوالي سان ڪارڪردگيءَ جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. ان نگراني ۽ جائزي جي سرگرمين جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ضرورت پوڻ تي وقت سر سڌارن وارن قدمن کي يقيني بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. پوليو بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق، قومي پوليو مهم دوران پشاور ۽ لاهور جو دورو ڪيو، جتي هن صوبائي عملدارن سان اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪيا ته جيئن پوليو جي موجوده صورتحال ۽ مهم جي نتيجن جو جامع جائزو وٺي سگهجي. ان دوران هن فرنٽ لائن پوليو ورڪزن سان به ملاقات ڪئي، سندن محنت ۽ لڳن کي ساراهيو ۽ درپيش مسئلن کي ٻُڌو ته جيئن مستقبل جي مهمن جي منصوبا بندي ۽ عملدرآمد کي اثرائتو بڻائي سگهجي.










