اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ ۾ عوامي سهولت ۽ ٽريفڪ جي روانيءَ لاءِ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل پار ڪري ورتو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي شاهين چؤڪ انڊر پاس منصوبي جو تفصيلي دؤرو ڪيو ۽ جاري تعميراتي سرگرمين جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي سي ڊي اي جي چيئرمين، وفاقي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته منصوبي جو 90 سيڪڙو ڪم …
اسلام آباد جي شاهين چؤڪ انڊر پاس منصوبي جو 90 سيڪڙو مڪمل، ايندڙ هفتي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو: گهرو وزير محسن نقوي

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ ۾ عوامي سهولت ۽ ٽريفڪ جي روانيءَ لاءِ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل پار ڪري ورتو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي شاهين چؤڪ انڊر پاس منصوبي جو تفصيلي دؤرو ڪيو ۽ جاري تعميراتي سرگرمين جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي سي ڊي اي جي چيئرمين، وفاقي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته منصوبي جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، انڊرس پاس جو ڍانچي وارو ڪم مڪمل آهي جڏهن ته روڊ ورڪ ۽ فنشنگ جي آخري مرحلي تي ڪم جاري آهي. گهرو وزير منصوبي جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظاهر ڪندي هدايت ڪئي ته باقي ڪمن کي تيز ڪري ان کي ايندڙ هفتي هر صورت ۾ ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو ته جيئن مرڪزي شاهراهن تي ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ شهرين کي سفري سهولتون ميسر اچن. هن چيو ته شاهين چؤڪ انڊر پاس جي تڪميل سان اسلام آباد جي اهم شاهراهن تي ٽريفڪ جو پراڻو مسئلو حل ٿي ويندو. دؤري دوران سي ڊي اي جي چيئرمين، آءِ جي اسلام آباد، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين اعليٰ عملدارن گهرو وزير سان گڏ هئا، جن منصوبي جي فني ۽ انتظامي معاملن تي بريفنگ ڏني.










