وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ريئر ايڊمرل (ر) فري سيني ويراتني ملاقات ڪئي. وفاقي وزير پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ پراڻي دوستي کي ساراهيندي چيو ته اهم مسئلن ۽ علائقائي منظر نامي کي ڏسندي ٻنهي ملڪن کي گهڻ رخي لاڳاپن کي هاڪاري انداز مان فائدو کڻندي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير …

اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر ريئر ايڊمرل (ر) فري سيني ويراتني ملاقات ڪئي. وفاقي وزير پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ پراڻي دوستي کي ساراهيندي چيو ته اهم مسئلن ۽ علائقائي منظر نامي کي ڏسندي ٻنهي ملڪن کي گهڻ رخي لاڳاپن کي هاڪاري انداز مان فائدو کڻندي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان سريلنڪا کي هڪ اهم علائقائي ملڪ سمجهي ٿو، جيڪو علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان سريلنڪا جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جو احترام ۽ حمايت ڪري ٿو. سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر پاڪستان حڪومت طرفان تازو ئي فراهم ڪيل وقت سر انساني امداد ۽ مدد لاءِ ٿورو مڃيو. هن دهشتگردي جي خاتمي ۾ ڪاميابين جو اعتراف ڪندي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت جي تعريف ڪئي. ڌرين ٻنهي ملڪي وچ ۾ جاري سهڪار تي اطمينان ۽ گڏيل فائديمند شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں