ڌاڙيلن وٽ صرف ٻه رستا آهن يا ته هو هٿيار ڦٽا ڪن يا پنهنجي انجام تائين پهچن: صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار

ڪراچي- 23 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ پوليس ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف ”زيرو ٽالرنس“ پاليسي جي تحت شاندار ۽ فيصلائتيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هاڻي ڌاڙيلن وٽ صرف ٻه رستا آهن يا ته هو هٿيار ڦٽا ڪن يا پنهنجي انجام تائين پهچن. سنڌ جي گهرو وزير سکر زون پوليس پاران ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪامياب آپريشنز بابت سينٽرل …

ڪراچي- 23 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ پوليس ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف ”زيرو ٽالرنس“ پاليسي جي تحت شاندار ۽ فيصلائتيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هاڻي ڌاڙيلن وٽ صرف ٻه رستا آهن يا ته هو هٿيار ڦٽا ڪن يا پنهنجي انجام تائين پهچن. سنڌ جي گهرو وزير سکر زون پوليس پاران ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪامياب آپريشنز بابت سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته 15 ڊسمبر تي گھوٽڪي جي بارڊر ايريا ۾ صادق آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ ڪوچ جي 14 مسافرن کي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن تي پوليس فوري ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪئي. ڊي آءِ جي سکر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي گھوٽڪي، ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين سينيئر آفيسرن جي اڳواڻي ۾ پوليس، اغوا ڪندڙن جو پيڇو ڪيو، جنهن ۾ ٻه ايس ايس پيز ۽ هڪ ڊي ايس پي سڌي طرح فيلڊ ۾ موجود رهيا. هن ٻڌايو ته اغوا ڪندڙ، مغوين کي ڪچي جي رستي پنجاب جي حدن ۾ کڻي ويا هئا، پر سنڌ پوليس، رينجرز ۽ پنجاب حڪومت جي مڪمل سهڪار سان گڏيل آپريشن شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ تمام مسافرن کي حفاظت سان بازياب ڪرايو ويو. بدقسمتي سان هڪ مغوي کي اغوا دوران دل جو دورو پيو، جنهن جو ٻئي ڏينهن لاش مليو. گهرو وزير چيو ته آپريشن دوران ڌاڙيلن جي ڳجهن ٺڪاڻن کي ختم ڪيو ويو، ڪيترائي خطرناڪ ڌاڙيل ماريا ويا جن ۾ ڇلو بکراڻي شامل آهي، جنهن جي مٿان قيمت 50 لک رپيا مقرر هئي، جڏهن ته ٻيا اهم جوابدار پڻ انجام تي پهتا. ڌاڙيلن جي قبضي مان جديد هٿيار هٿ ڪري ضبط ڪيا ويا آهن. هن سخت موسم باوجود پوليس، رينجرز ۽ ٻين ادارن جي مسلسل ڪاررواين کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته انٽيليجنس بيورو ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان اهي ڪاميابيون ممڪن ٿيون. گھرو وزير ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ، ايس ايس پي انور کيٿراڻ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سميت سمورن آفيسرن ۽ جوانن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي اعلان ڪيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي زون جي پوليس آفيسرن لاءِ تعريفي سرٽيفڪيٽ، نقد انعام ۽ سول ايوارڊز جي سفارش ڪئي ويندي. جڏهن ته اهم آفيسرن لاءِ ڪيو پي ايم ۽ پي پي ايم جي سفارش پڻ ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ڪچي مان ”نو گو ايرياز“ جو خاتمو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي آفيسر ماضي وانگر انتظار نٿا ڪن پر فوري ڪارروائي ڪن ٿا. هن واضح ڪيو ته ڌاڙيلن کي ڪڏهن به سياسي پٺڀرائي حاصل ناهي رهي ۽ نه ئي مستقبل ۾ هوندي. ڪراچي ۾ ڀتي خوري بابت ڳالهائيندي هن چيو ته وصي الله لاکو، جميل ڇانگو، بهادر ۽ گل شير جاگيراڻي سميت پنج وڏا نيٽ ورڪ سرگرم هئا، جيڪي ملڪ کان ٻاهران آپريٽ ٿي رهيا آهن. ايس آءِ يو جي ڪاررواين ۾ 32 ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن، جن مان 7 زخمي ٿيا، جڏهن ته هڪ مارجي ويو ۽ ڪيترائي سهولتڪار قانون جي گرفت ۾ آهن. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته وصي الله لاکو جي خلاف ريڊ وارنٽ انٽرپول جي هيڊ ڪوارٽر فرانس پهچي چڪو آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن جا قانوني تقاضا به تيزي سان پورا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته احمد علي مگسي ۽ صنف ڪاٺياواڙي بابت ضروري دستاويز اسلام آباد پهچي ويا آهن، جتان ايف آءِ اي اهي خط اڳتي روانا ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ايندڙ هڪ ٻن ڏينهن ۾ اهي خط وڌيڪ قانوني مرحلن لاءِ لاڳاپيل فورمز تائين پهچايا ويندا. آءِ جي سنڌ واضح ڪيو ته عالمي قانوني تقاضائن تحت دستاويزن جي تياري ۽ تصديق ۾ ڪجهه وقت گهربل هوندو آهي، پر ان هوندي به سنڌ پوليس سمورا مرحلا اوليت جي بنياد تي مڪمل ڪري رهي آهي.

مزید خبریں