ميزائل پروگرام قومي خودمختياري جي دفاع لاءِ آهي، ان بابت ڳالهيون نه ڪنداسين: ايران

تهران- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته سندس ميزائل پروگرام ملڪي خودمختياري جي دفاع لاءِ آهي ان معاملي تا ڪي به ڳالهيون نه ڪيون وينديون. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي، پريس ڪانفرنس دوران اسرائيلي ۽ آمريڪي ميڊيا رپورٽن سان لاڳاپيل هڪ سوال جي جواب ۾ ڪئي. انهن رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ايران جي ميزائل پروگرام تي …

تهران- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته سندس ميزائل پروگرام ملڪي خودمختياري جي دفاع لاءِ آهي ان معاملي تا ڪي به ڳالهيون نه ڪيون وينديون. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي، پريس ڪانفرنس دوران اسرائيلي ۽ آمريڪي ميڊيا رپورٽن سان لاڳاپيل هڪ سوال جي جواب ۾ ڪئي. انهن رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ايران جي ميزائل پروگرام تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ اسرائيل طرفان امڪاني نئين فوجي ڪارروائي جون ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن. اسماعيل بقائي چيو ته ايران جون دفاعي صلاحيتون امڪاني جارحيت کي روڪڻ لاءِ آهن ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي سودي بازي يا ڳالهيون نه ٿيون ڪري سگهجن. سندس چوڻ هو ته اهو پروگرام ايران جي قومي سلامتي جو لازمي جُزو آهي. هن چيو ته ايران جي ميزائل پروگرام تي ميڊيا جو ڌيان اصل ۾ اسرائيل طرفان آمريڪا ۽ ڪجهه مخالف ميڊيا ادارن جي مدد سان ايران خلاف جاري ”هائبرڊ وار فيئر“ جو حصو آهي.