ماسڪو- 23 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن آرمينيا جي وزيراعظم نيڪول پاشينيان سان ملاقات ۾ چيو آهي ته روس ۽ آرمينيا جا لاڳاپا ترقي ڪري رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن وٽ سٺا منصوبا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته جيسيتائين ٻه طرفن لاڳاپن جو تعلق آهي ، اهي ترقي ڪري رهيا آهن . هن پاشينيان جو شڪريه ادا ڪيو . جنهن يوريشين اقتصادي يونين ۽ …
آرمينيا سان لاڳاپا مثبت طريقي سان جاري آهن: ولاديمير پيوٽن

مزید خبریں
ماسڪو- 23 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن آرمينيا جي وزيراعظم نيڪول پاشينيان سان ملاقات ۾ چيو آهي ته روس ۽ آرمينيا جا لاڳاپا ترقي ڪري رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن وٽ سٺا منصوبا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته جيسيتائين ٻه طرفن لاڳاپن جو تعلق آهي ، اهي ترقي ڪري رهيا آهن . هن پاشينيان جو شڪريه ادا ڪيو . جنهن يوريشين اقتصادي يونين ۽ آزاد رياستن جي برادري جي اهتمام هيٺ ٿيل تقريبن ۾ شرڪت ڪئي هئي . روس جي صدر چيو ته سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته سمورن طرفن جي ٽيمن سخت محنت ڪئي، سٺا دستاويز تيار ڪيا، سڀ ڪجهه لکجي ۽ صحيحيون ٿي چڪيون آهن ۽ سڀ ڪجهه اڳيان وڌي رهيو آهي . روس جي صدر اهو به ٻڌايو ته اسان وٽ سٺا منصوبا آهن . اسان توانائي جي شعبي، خاص ڪري ايٽمي توانائي تي پڻ ڳالهيون ڪيون آهن.









