بيجنگ- 23 ڊسمبر (اي پي پي) چين لانگ مارچ 12 اي واءِ 1 راڪيٽ کي ڪاميابي سان لانچ ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميديا مطابق چين گذريل ڏينهن اتر اولهه چين جي جيو چوان سيٽلائٽ لانچ سينٽر تان لانگ مارچ 12 اي واءِ 1 ڪيريئر راڪيٽ ڪاميابي سان لانچ ڪيو. راڪيٽ جو ٻيو مرحلو طئي ٿيل مدار ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب رهيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق لانچنگ جو عمل مجموعي طور …
چين پاران لانگ مارچ 12 اي واءِ 1 راڪيٽ جي ڪاميابي سان لانچنگ

مزید خبریں
بيجنگ- 23 ڊسمبر (اي پي پي) چين لانگ مارچ 12 اي واءِ 1 راڪيٽ کي ڪاميابي سان لانچ ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميديا مطابق چين گذريل ڏينهن اتر اولهه چين جي جيو چوان سيٽلائٽ لانچ سينٽر تان لانگ مارچ 12 اي واءِ 1 ڪيريئر راڪيٽ ڪاميابي سان لانچ ڪيو. راڪيٽ جو ٻيو مرحلو طئي ٿيل مدار ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب رهيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق لانچنگ جو عمل مجموعي طور تي پنهنجي هدف مطابق مڪمل ٿي ويو جنهن ۾ ٻي مرحلي جو منصوبو بند مدار تائين پهچڻ شامل هو .









