چين جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سي ايم جي اسپرنگ فيسٽيول گالا 2026ع جي ماسڪوٽ جي نمائش

بيجنگ- 23 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سي ايم جي اسپرنگ فيسٽيول گالا 2026ع لاءِ ماسڪوٽ جي نمائش ڪئي پئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سال 2026ع جي سي ايم جي اسپرنگ فيسٽيول گالا 2026ع لاءِ ماسڪوٽ جو ڊزائين جاري ڪيو ويو آهي. 4 گهوڙن تي ٻڌل ماسڪوٽ جي گوانگ چو سميت چين جي ڪيترن ئي شهرن ۾ نمائش جاري آهي. ماسڪوٽ جي تصوير سڄي ملڪ جي …

بيجنگ- 23 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سي ايم جي اسپرنگ فيسٽيول گالا 2026ع لاءِ ماسڪوٽ جي نمائش ڪئي پئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سال 2026ع جي سي ايم جي اسپرنگ فيسٽيول گالا 2026ع لاءِ ماسڪوٽ جو ڊزائين جاري ڪيو ويو آهي. 4 گهوڙن تي ٻڌل ماسڪوٽ جي گوانگ چو سميت چين جي ڪيترن ئي شهرن ۾ نمائش جاري آهي. ماسڪوٽ جي تصوير سڄي ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ آئوٽ ڊور اسڪرينن تي نظر اچي رهي آهي. گوانگ چو شهر جي مشهور واپاري ضلعن ۾ اسپرنگ فيسٽيول گالا لاءِ ماسڪوٽ جون تصويرون بار بار آئوٽ ڊور اسڪرينن تي ڏيکاريون پيون وڃن . سڄي ملڪ جي ٻين مشهور واپاري علائقن ۾ به سي ايم جي اسپرنگ فيسٽويل گالا ماسڪوٽ ڏيکاريو پيو وڃي جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ چين جي نئين سال جي ماحول جو احساس پيدا ڪرڻ آهي .