سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ ناڻي کاتي جو گڏيل اجلاس ٿي گذريو

ڪراچي- 22 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ ناڻي کاتي جي گڏيل اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ موجوده مالي سال لاءِ صوبي جي ترقياتي حڪمت عملي ۽ سيڙپڪاري منصوبن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو، جتي مضبوط ۽ شموليت تي ٻڌل سنڌ لاءِ جامع ويزن پيش ڪيو ويو، جنهن تحت مجموعي طور 1018 ارب …

ڪراچي- 22 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ ناڻي کاتي جي گڏيل اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ موجوده مالي سال لاءِ صوبي جي ترقياتي حڪمت عملي ۽ سيڙپڪاري منصوبن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو، جتي مضبوط ۽ شموليت تي ٻڌل سنڌ لاءِ جامع ويزن پيش ڪيو ويو، جنهن تحت مجموعي طور 1018 ارب رپين جي ترقياتي ڪاٿي جو تعين ڪيو ويو آهي. پنهنجو ويزن بيان ڪندي وڏي وزير چيو ته ترقياتي حڪمتِ عملي 26-2025ع موسمي تبديليءَ سان هم آهنگ انفرااسٽرڪچر، عمارتن، روڊن ۽ رهائشي منصوبن تي مشتمل آهي. هن پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته اهڙن منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي، جيڪي موسمي لچڪ وڌائن ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ته سڀ نوان منصوبا شديد موسمي حالتن کي منهن ڏيڻ جي سگهه رکندڙ هجن. هن لاڳاپيل کاتن کي پڻ هدايت ڪئي ته منصوبابندي ۽ منظوري جي مرحلن ۾ آفتن جي خطري کي شامل ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته اسان جي ترقياتي حڪمتِ عملي جو بنيادي محور موسمي طور مضبوط انفرااسٽرڪچر، تيز رفتار ٻوڏ بحالي ۽ شموليت تي ٻڌل ترقي آهي. مان چاهيان ٿو ته ترقي تي خرچ ٿيندڙ هر رپيو غربت ۾ گهٽتائي ۽ پائيدار ترقي جي هدفن جي حاصلات ۾ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي بحاليءَ ۾ متاثر ٿيل تعليمي ۽ صحت ادارن جي بحالي شامل هوندي، جڏهن ته بهتر رابطن سان وڏا شهر ڳنڍبا ۽ شهري مرڪزن ۾ ماس ٽرانزٽ نظام کي هٿي ملندي. هن زور ڀريندي چيو ته غربت ۾ گهٽتائي ۽ شموليت تي ٻڌل ترقي سڀني کاتن جي گڏيل ترجيح هئڻ گهرجي. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت سالياني ترقياتي پروگرام 26-2025ع تحت مختلف اهم شعبن لاءِ مجموعي طور 520 ارب رپيا رکيا آهن. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته روڊن جي انفرااسٽرڪچر لاءِ 582 ارب رپين جو وڏو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻوڏ بحالي ۽ ٻين وڏن منصوبن تحت 970 ڪلوميٽر روڊن جي تعمير ۽ بحالي شامل آهي، جن ۾ سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي پڻ شامل آهي. ڪراچي لاءِ مخصوص روڊ منصوبن لاءِ 194 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن ۾ شاهراهه ڀٽو ڪوريڊور، ملير ندي پل ۽ مختلف انڊر پاسز ۽ فلاءِ اوورز شامل آهن، جن جو مقصد ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽائڻ آهي. وڏي وزير ورڪس اينڊ سروسز کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪراچي جي اهم روڊ منصوبن تي ڪم تيزيءَ سان مڪمل ڪيو وڃي، معيار ۽ مقرر وقت تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. هن خبردار ڪيو ته دير ۽ ناقص ڪم هرگز برداشت نه ڪيو ويندو. ان موقعي تي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي چيئرمين نجم شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڀني وڏن روڊ منصوبن، خاص طور ڪراچي ۽ ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ جسماني ۽ مالي اڳڀرائي جي نگراني لاءِ مانيٽرنگ نظام وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي. تعليم جي شعبي ۾ 340 ارب رپين جي سيڙپڪاري واري منصوبي جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن تحت ٻوڏ متاثر 1600 سيڪنڊري اسڪولن جي ٻيهر تعمير، 9 نون ڪيڊٽ ڪاليجن جو قيام ۽ سکر ۾ عورتن جي يونيورسٽي جو قيام شامل آهي. وڏي وزير اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتي کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اسڪولن جي بحالي جو ڪم ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ٻار تعليم کان محروم نه ٿين. هن نون منصوبن ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ جي به هدايت ڪئي. ٻڌايو ويو ته صحت جي شعبي لاءِ 300 ارب رپيا رکيا ويا آهن جن تحت 9 ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتالن جي واڌ ۽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيا ويندا. ان کان علاوه 146.9 ارب رپيا گرانٽس اِن ايڊ طور رکيا ويا آهن ته جيئن ايس آءِ يو ٽي، اين آءِ سي وي ڊي ۽ انڊس اسپتال جهڙن ادارن جي ڪارڪردگي برقرار رهي. پاڻي، صفائي ۽ نيڪال جي شعبي لاءِ 930 ارب رپين کان وڌيڪ سيڙپڪاري جو منصوبو آهي، جنهن ۾ ڪراچي لاءِ ڪي-فور واٽر سپلاءِ منصوبو (136.9 ارب رپيا) ۽ حب ڪينال منصوبو شامل آهي. حڪمتِ عملي ۾ توانائي لاءِ 69.97 ارب رپين جو پيڪيج شامل آهي جڏهن ته ٽرانسپورٽ لاءِ 155.34 ارب رپين جا ريڊ، ييلو ۽ اورنج لائين بي آر ٽي منصوبا شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز منصوبو صوبائي ايجنڊا جو اهم ٿنڀ آهي، جنهن جو مقصد 2022ع جي ٻوڏ سبب متاثر 21 لک گهرن جي بحالي آهي. هاڻي تائين 20 لک گهرن جي تصديق ۽ اٽڪل 14 لک ادائيگيون مڪمل ٿي چڪيون آهن. وڏي وزير کي ڊيلٽا بليو ڪاربن منصوبي بابت آگاهه ڪيو ويو، جنهن مان ساليانو 15 کان 20 ملين ڊالر آمدني جي اميد آهي. ان کان علاوه عالمي ترقياتي ڀائيوارن طرفان فارن پروجيڪٽ اسسٽنس تحت 1557.65 ارب رپين جي سهائتا فراهم ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ سنڌ جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن جو به جائزو ورتو ويو، جن ۾ 148 ارب رپين جا مڪمل ۽ 130 ارب رپين جا جاري منصوبا شامل آهن. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه زور ڏنو ته سڀئي کاتا گڏيل رابطي ۾ رهي ڪم ڪن ته جيئن 1018 ارب رپين جي ترقياتي حڪمتِ عملي کي عملي طور عوام، خاص طور ٻوڏ متاثر ۽ پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن جي زندگين ۾ واضح سڌاري ۾ تبديل ڪري سگهجي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڄام خان شورو، حاجي علي حسن زرداري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس نواز سوهو ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا.