نئين دهلي ۾ امن ڪانفرنس، قلم 370 جي خاتمي سان ڪشميري نوجوانن ۾ احساس محرومي وڌي ۽ ڀارت جي پوزيشن ڪمزور ٿي: مقررن جو خطاب

نئين دهلي- 22 ڊسمبر (اي پي پي) نئين دهلي ۾ رٿيل هڪ امن ڪانفرنس ۾ مقررن قلم 370 جي خاتمي کانپوءِ ڪشميري نوجوانن جي وڌندڙ بي اختياري، ڏک، ڪاوڙ ۽ احساس محرومي کي اجاگر ڪندي ڀارتي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو ڄمون ڪشمير جي رياستي حيثيت بحال ڪرڻ جو پنهنجو وعدو پورو ڪري. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق سينيئر ڪانگريس اڳواڻ مني شنڪر ايئر، ڀارتي پارليامنٽ جي ميمبرن آغا …

نئين دهلي- 22 ڊسمبر (اي پي پي) نئين دهلي ۾ رٿيل هڪ امن ڪانفرنس ۾ مقررن قلم 370 جي خاتمي کانپوءِ ڪشميري نوجوانن جي وڌندڙ بي اختياري، ڏک، ڪاوڙ ۽ احساس محرومي کي اجاگر ڪندي ڀارتي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو ڄمون ڪشمير جي رياستي حيثيت بحال ڪرڻ جو پنهنجو وعدو پورو ڪري. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق سينيئر ڪانگريس اڳواڻ مني شنڪر ايئر، ڀارتي پارليامنٽ جي ميمبرن آغا روح الله مهدي، ڪپل ڪاڪ ۽ امن ڪارڪن او پي شاهه سميت ڪانفرنس جي لڳ ڀڳ سمورن مقررن زور ڀريو آهي ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ 2019ع کانپوءِ جي صورتحال معمول جي حالتن کان ڪيترو ئي ڏُور آهي. هنن چيو ته ڄمون ڪشمير جي آئيني حيثيت جي رد ڪرڻ امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ ان بدران وادي ۾ ناراضگي وڌي وئي آهي. مني شنڪر ايئر، سينٽر فار پيس اينڊ پروگريس طرفان منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي والاريل علائقي ۾ قلم 371 جي خاص شقن کي لاڳو ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ ڀارتي حڪومت تي زور ڀريو ته هو آگسٽ 2019ع جي فيصلي وقت ڪيل وعدن مطابق رياست جو درجو بحال ڪري. هنن ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو ته قلم 370 کي ختم ڪرڻ سان حالتون معمول تي اچي وينديون. هنن چيو ته پهلگام حملو ۽ پاڪستان سان تازي جنگ جهڙا واقعا ان بياني جي نفي ڪن ٿا. هن چيو ته ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي ۽ ان جي نتيجي ۾ فوجي ڪاررواين، پاڪستان ۽ چين جي مقابلي ۾ ڀارت جي سفارتي پوزيشن ڪمزور ڪري ڇڏي آهي جنهن سان ظاهر ٿئي ٿو ته ان فيصلي، فائدي بجاءِ نقصان پهچايو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق جنهن کي قابض اختيارين، ڪانفرنس ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏني، ڪانفرنس جي نالي پنهنجي هڪ پيغام ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪئي. هنن ڪشميرين کي اجتماعي سزا ڏيڻ تي خبردار ڪندي ڳالهين ۽ ڳالهه ٻولهه کي ڪشمير تڪرار جو واحد قابل عمل حل قرار ڏنو. ميرواعظ چيو ته گهرن کي مسمار ڪرڻ، ماڻهن کي هراسان ڪرڻ ۽ خوف سبب پيدا ڪيل دهشت جي ڪري نوجوانن ۾ احساس محرومي وڌي وئي آهي.