نيويارڪ- 22 ڊسمبر (اي پي پي) نيويارڪ جو نئون چونڊيل ميئر ظهران ممداني پهرين جنوري تي پنهنجي عهدي جي شروعات جو جشن ملهائيندو، توقع آهي ته شهر جا هزارين شهري صدي کان وڌيڪ عرصي ۾ چونڊيل پهرين ننڍي عمر واري ۽ مسلمان ميئر جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت ڪندا. ظهران ممداني 100 سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ نيويارڪ جي گهٽ عمر واري ميئر جو اعزاز حاصل ڪري چڪو …
نيويارڪ جو نئون چونڊيل ميئر ظهران ممداني پهرين جنوري تي پنهنجي عهدي جي شروعات جو جشن ملهائيندو، تقريب ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت جو امڪان

مزید خبریں
نيويارڪ- 22 ڊسمبر (اي پي پي) نيويارڪ جو نئون چونڊيل ميئر ظهران ممداني پهرين جنوري تي پنهنجي عهدي جي شروعات جو جشن ملهائيندو، توقع آهي ته شهر جا هزارين شهري صدي کان وڌيڪ عرصي ۾ چونڊيل پهرين ننڍي عمر واري ۽ مسلمان ميئر جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت ڪندا. ظهران ممداني 100 سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ نيويارڪ جي گهٽ عمر واري ميئر جو اعزاز حاصل ڪري چڪو آهي ۽ هو شهر جي تاريخ جو پهريون مسلمان ميئر به هوندو. ميئر جي منقتلي جي موقعي تي مين هٽن شهر ۾ وڏي ميڙاڪي جي منصوبه بندي ڪئي وئي آهي جنهن دوران مشهور براڊ وي کي بند ڪيو ويندو. نئون چونڊيل ميئر سٽي هال جي ڏاڪڻن تي حلف کڻندو جنهن کي تازي هوا جو جهونڪو قرار ڏنو ويو آهي. ان تقريب جي خرچن لاءِ ڊاڪٽر اعجاز احمد جي سربراهي ۾ آمريڪي- پاڪستاني سياسي گروپ ٽي لک ڊالر جو چندو ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ ظهران ممداني چيو ته اها تقريب ان تحريڪ جو جشن آهي جيڪا اسان هلائي ۽ مينڊيٽ اسان کٽيو، اسان ان شهر جي قيادت لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته نيويارڪ جا ڪارڪنن اسان جي ايجنڊا جو مرڪزي نقطو آهن، اسان کين پاڻ سان گڏ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيون ٿا. ظهران ممداني نيويارڪ جي هزارين ماڻهن کي روايتي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.









