واشنگٽن- 22 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي نيشنل انٽيليجنس ڊائريڪٽر تلسي گبارڊ چيو آهي ته نيٽو ۽ يورپي يونين آمريڪا کي روس خلاف جنگ ۾ گهلڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر لکت ۾ پرڏيهي ميڊيا تي الزام لڳايو ته اها روس يوڪرين تڪرار کي ڊگهو ڪرڻ لاءِ ڪوڙي ۽ جعلي پروپيگنڊا پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ نيٽو ۽ يورپي يونين آمريڪا …
نيٽو ۽ يورپي يونين آمريڪا کي روس خلاف جنگ ۾ گهلڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن: ڊائريڪٽر آمريڪي انٽيلي جنس

مزید خبریں
واشنگٽن- 22 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي نيشنل انٽيليجنس ڊائريڪٽر تلسي گبارڊ چيو آهي ته نيٽو ۽ يورپي يونين آمريڪا کي روس خلاف جنگ ۾ گهلڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر لکت ۾ پرڏيهي ميڊيا تي الزام لڳايو ته اها روس يوڪرين تڪرار کي ڊگهو ڪرڻ لاءِ ڪوڙي ۽ جعلي پروپيگنڊا پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ نيٽو ۽ يورپي يونين آمريڪا کي روس سان سڌيءَ ريت ٽڪراءُ ۾ گهلڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. تسلي گبارڊ چيو ته آمريڪي انٽيليجنس جو اندازو آهي ته روس نيٽو سان وڏي جنگ کان بچڻ چاهي ٿو جڏهن ته آمريڪا ۾ ”ڊيپ اسٽيٽ“ ۽ ان جي پروپيگنڊا مشين ٽرمپ انتظاميا طرفان يورپ ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.









