سکر-21ڊسمبر (اي پي پي) سکر ۾ عالمي معيار جي ٻئين ميراٿن ريس منعقد ڪئي وئي، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سکر جي ميئر ارسلان اسلام شيخ، ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ۽ ڪمشنر عابد سليم قريشي ميراٿن ريس جو افتتاح ڪيو. لوڪ سهائتا ميراٿن 2025ع دي هوپ رن جي ٿيم تي تاريخي عالمي ميراٿن ريس جي شروعات گذريل ڏينهن صبح جو سوير ٿي، سخت سيڪيورٽي ۽ بهترين ڪوآرڊينيشن سان …
سکر ۾ عالمي معيار جي ميراٿن ريس منعقد، مراڪش جي رانديگر پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي

مزید خبریں
سکر-21ڊسمبر (اي پي پي) سکر ۾ عالمي معيار جي ٻئين ميراٿن ريس منعقد ڪئي وئي، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سکر جي ميئر ارسلان اسلام شيخ، ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ۽ ڪمشنر عابد سليم قريشي ميراٿن ريس جو افتتاح ڪيو. لوڪ سهائتا ميراٿن 2025ع دي هوپ رن جي ٿيم تي تاريخي عالمي ميراٿن ريس جي شروعات گذريل ڏينهن صبح جو سوير ٿي، سخت سيڪيورٽي ۽ بهترين ڪوآرڊينيشن سان ميراٿن آءِ بي اي پبلڪ اسڪول سکر ۾ شروع ٿي. ريس ۾ فل ميراٿن جو ڪل فاصلو 42.195 ڪلوميٽر ۽ عورتن لاءِ 10 ڪلوميٽر رکيو ويو، ميراٿن ۾ 15 ملڪن مان 28 کان وڌيڪ عالمي راديگر شريڪ ٿيا آهن جن ۾ ڪينيا، اٽلي، ايٿوپيا، مراڪش، جاپان، يوگنڊا ۽ برطانيا جا عالمي اسٽارز شامل آهن جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهو، جن ۾ مرد ۽ عورتون شامل آهن جيڪي پاڪستان جي مختلف شهرن مان شريڪ آهن ۽ هو عالمي رانديگرن سان ڊوڙ ۾ حصو ورتو. مراڪش جي رانديگر اليوسوف عبدالماجد 42 ڪلوميٽر جو فاصلو 2 ڪلاڪ 22 منٽن ۽ 35 سيڪنڊن ۾ طئي ڪيو ۽ ميراٿن ريس جو مقابلو کٽي ورتو. ايٿوپيا جي ميٿيرو نيبرو 42 ڪلوميٽر جو فاصلو 2 ڪلاڪ 28 منٽن ۽ 48 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري ٻئين پوزيشن حاصل ڪئي. ڪينيا جي جيڪسن مائينيا 42 ڪلوميٽر جو فاصلو 2 ڪلاڪ 31 منٽن ۽ 6 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري ٽئين پوزيشن هاصل ڪئي. عورتن جي ڊوڙ ۾ ڪينيا جي ميوني متوڪو 10 ڪلوميٽر جو فاصلو 10 منٽ 25 سڪنڊن ۾ طئي ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. ٻئين پوزيشن تي جاپان جي يوڪولگوچي رهي، جنهن 10 ڪلوميٽر جو فاصلو 10 منٽ 49 سيڪنڊن ۾ طئي ڪيو. ٽئين پوزيشن تي لاهور جي ماه نور افضل 10 ملوميٽر جو فاصلو 43 منٽن ۾ طئي ڪيو.











