بونڊائي سامونڊي ڪناري تي فائرنگ ۾ ملوث ماڻهن مان هڪ مبينا طور تي فلپائن ۾ هٿيارن جي دڪان جو دورو ڪيو هو، فلپائني پوليس جو انڪشاف

منيلا-20 ڊسمبر (اي پي پي) فلپائن جي پوليس اختيارين انڪشاف ڪيو آهي ته بونڊائي سامونڊي ڪناري تي فائرنگ ۾ ملوث ماڻهن مان هڪ مبينا طور تي اتي هٿيارن جي هڪ دڪان جو دورو ڪيو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق فلپائني پوليس ان ڳالهه جي جاچ ڪري رهي آهي ته فائرنگ کان اڳ جي هفتن ۾ ٻنهي حملو ڪندڙن جون سرگرميون ڪهڙيون هيون. ساجد اڪرم ۽ سندس پٽ نويد اڪرم ڊاوائو سٽي …

منيلا-20 ڊسمبر (اي پي پي) فلپائن جي پوليس اختيارين انڪشاف ڪيو آهي ته بونڊائي سامونڊي ڪناري تي فائرنگ ۾ ملوث ماڻهن مان هڪ مبينا طور تي اتي هٿيارن جي هڪ دڪان جو دورو ڪيو هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق فلپائني پوليس ان ڳالهه جي جاچ ڪري رهي آهي ته فائرنگ کان اڳ جي هفتن ۾ ٻنهي حملو ڪندڙن جون سرگرميون ڪهڙيون هيون. ساجد اڪرم ۽ سندس پٽ نويد اڪرم ڊاوائو سٽي جي هڪ هوٽل ۾ چار هفتا رهيا ۽ 28 نومبر تي آسٽريليا واپس روانو ٿيا. فلپائني پوليس جي علائقائي ڊائريڪٽر ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان هن وقت انهن ٻنهي شڪي ماڻهن جي فلپائن ۾ ترسڻ دوران سرگرمين جي جاچ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان آسٽريلوي حڪومت جي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ گڏو گڏ اهو به يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا ته اسانجي ملڪ ۾ ڪنهن امڪاني دهشتگرد خطري جو مڪمل خاتمو ڪيو وڃي.