مشهور شاعر شيخ اياز جو ٽن ڏينهن وارو 11هون ميلو شروع ٿي ويو

حيدرآباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد ۾ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي ۾ مشهور شاعر شيخ اياز جو ٽن ڏينهن وارو 11 هون ميلو شروع ٿي ويو آهي. اياز ميلي جو افتتاح  ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه. ميئر حيدراباد ڪاشف شورو. ڪمشنر حيدراباد فياض عباسي. اياز ميلو ڪميٽي جي اڳواڻ عورتن عرفانه ملاح. امر سنڌو ۽ ٻين ڪيو. ذوالفقار شاهه خطاب ڪندي چيو ته هي اياز ميلو …

حيدرآباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد ۾ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي ۾ مشهور شاعر شيخ اياز جو ٽن ڏينهن وارو 11 هون ميلو شروع ٿي ويو آهي. اياز ميلي جو افتتاح  ثقافت ۽ سياحت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه. ميئر حيدراباد ڪاشف شورو. ڪمشنر حيدراباد فياض عباسي. اياز ميلو ڪميٽي جي اڳواڻ عورتن عرفانه ملاح. امر سنڌو ۽ ٻين ڪيو. ذوالفقار شاهه خطاب ڪندي چيو ته هي اياز ميلو هڪ فيسٽيول آهي. هن چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي سورمين کي ڳايو آهي. اڄ ميلو به سورمين سجايو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ اڄ به درگاهن تي پنجاب مان گهڻا ماڻهو پهچن ٿا. هن چيو ته ميلي جي گرانٽ ڪرائي ويندي. هن چيو ته بوڙينڊو کي يونيسڪو عالمي ورثو قرار ڏنو آهي. جيڪو موهن جي دڙي جو ساز آهي. ڀنڀور کي جلد عالمي ورثي ۾ شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته شاهه عبداللطيف جي شاعري کي 200 سئو ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو آهي.هن وڌيڪ چيو ته سڀني صوبن کي گڏ کڻي هلون پيا. هن چيو ته جبري شادي جتي ٿيندي اتي پهرين اسان پهچنداسين. پ پ پ عورتن کي خودمختيار بڻايو آهي.ميلي جي شروعات شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي راڳي ڇوڪرين راڳ ڳائي ڪئي.امر سنڌو ڳالهائيندو چيو ته اياز ميلو ڪيترا ئي مرحلا مڪمل ڪيا آهن. هي ميلو اياز جي شاعري جو ڪرشمو آهي. هن چيو ته اياز جي محبت ۽ اتساهه جي ڪري ميلي جو بار ڪلهن تي کنيو آهي. ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي چيو ته هن ميلي ۾ 100 کان وڌيڪ ريسرچر شرڪت ڪندا. هن چيو ته اسان کي ايگو ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي ميلا نئين نسل کي سيکارڻ ۾ وڏي مدد ڏيندا. ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو چيو ته شيخ اياز هن صدي جو وڏو شاعر آهي. شاهه عبداللطيف ۽ شيخ اياز کي سدائين ياد رکيو ويندو. صحافي عاصمه شيرازي چيو ته  سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي. هتي سڏ ٿيندو آهي. تڏهن ايندا آهيون. شيخ اياز هڪ دور نه هر دور جو شاعر آهي. شيخ اياز هڪ صوفي هو. شيخ اياز مٽي مان ڳوهيل شاعر هو. هو فسطائيت خلاف هو. شيخ اياز جبر جو مقابلو ڪيو. هن چيو ته  ڀڳت کي پنجاب اها ڀيٽا نه ڏني جيڪا شيخ اياز ڏني آهي. انڪري اسان شيخ اياز جا قرضي آهيون. شيخ اياز هجي ته پڇي ها ته سنڌ ۾ زبردستي هندو نياڻين جو جبري مذهب تبديل ڪيو پيووڃي. اهو پڇي ها ته اوهان وٽ قلم ۽ ڪتاب آهن. شيخ اياز جي قلم جي جهنگار اڄ به زنده آهي. ليکڪ مهتاب اڪبر راشدي خطاب ڪندي چيو ته شيخ اياز جي ڪري حرف زنده آهي. شيخ اياز سان گڏ رهيس. شيخ اياز استاد جي حيثيت ۾ خواب ڏنا. شيخ اياز جي ڪتابن سفر کي اڳتي وڌايو آهي. هن چيو ته اسان کي هڪ ترجمي جي اداري جي ضرورت آهي. بيورو آف ٽرانليشن جي ضرورت آهي. شيخ اياز کي نوبل انعام ان ڪري نٿو ملي ته اهو اياز جو فڪر دنيا تائين ٻين ٻولين ۾ نٿو پهچي. اڄ ميلي جون باشعور عورتون اڳواڻي ڪري رهيون آهن. يوسف شاهين انگريزي ۾ سنڌ جي تاريخ لکي آهي. يوسف شاهين کي حياتي ۾ ڀيٽا ڏني وڃي. جيئن شمير الحيدري کي ڏني هئي. قومون اهي زنده رهنديون. جيڪي ٻولين کي زنده رکنديون آهن. حيدرآباد: اياز ميلي ۾ ڪتابن جا  ۽ هٿ جي ٺاهيل هنر جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن .