ملتان – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي بابت ميڊيا سيل (سي وي اي) جي اهتمام هيٺ سوشل ميڊيا تي عدم برداشت ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي ڊيجيٽل ڦهلاءُ جي حوالي سان هڪ آگاهي سيمينار ڊي ايڇ اي ايرينا ملتان ۾ منعقد ڪيو ويو. جنهن جو مقصد سوشل ميڊيا جي منفي استعمال سان پيدا ٿيندڙ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ عوام خاص طور …
ملتان ۾ سي وي اي جي اهتمام هيٺ سوشل ميڊيا تي عدم برداشت ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي ڊيجيٽل ڦهلاءُ جي حوالي سان آگاهي سيمينار

مزید خبریں
ملتان – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي بابت ميڊيا سيل (سي وي اي) جي اهتمام هيٺ سوشل ميڊيا تي عدم برداشت ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي ڊيجيٽل ڦهلاءُ جي حوالي سان هڪ آگاهي سيمينار ڊي ايڇ اي ايرينا ملتان ۾ منعقد ڪيو ويو. جنهن جو مقصد سوشل ميڊيا جي منفي استعمال سان پيدا ٿيندڙ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ عوام خاص طور تي نوجوانن ۾ ذميواراڻي ڊيجيٽل روين بابت شعور پيدا ڪرڻ آهي. سيمينار ۾ بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي (بي زيڊ يو) ۽ وومين يونيورسٽي ملتان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين، استادن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. سيمينار کي بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر محمد دائود ۽ وومين يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ديبا شهوار خطاب ڪيو ۽ شاگردن جي سوالن جا تفصيلي جواب پڻ ڏنا. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سوشل ميڊيا موجوده دور ۾ عوامي راءِ جوڙڻ جو هڪ موثر ۽ طاقتور ذريعو آهي جڏهن ته ان جي غيرذميواراڻي ۽ غلط استعمال جي ڪري معاشري ۾ نفرت، عدم برداشت ۽ شدت پسندي جهڙا رجحان وڌي رهيا آهن. هن جعلي خبرن، نفرت پکيڙيندڙ مواد ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جي خاتمي جي لاءِ گڏيل ۽ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي بابت ميڊيا سيل (سي وي اي) جي مئنيجر شهريار شرڪت ڪندڙن کي پرتشدد انتهاپسندي جي روڪٿام ۽ ڊيجيٽل آگاهي بابت قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. سيمينار دوران نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ شاهد عمران رانجها ۽ ڊي جي پي آءِ ڊي طاهره سيد شيلڊز ورهايون. خطاب ڪندڙن چيو ته پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي ۾ ميڊيا، تعليمي ادارن ۽ سول سوسائٽي جو ڪردار انتهائي اهم آهي جڏهن ته نوجوانن کي سوشل ميڊيا جي مثبت، تعميري ۽ ذميواراڻي استعمال طرف راغب ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن هڪ پرامن، برداشت تي ٻڌل ۽ ذميوار معاشرو جوڙي سگهجي. سيمينار جي پڄاڻي تي ان عزم جو اظهار ڪيو ته عوامي آگاهي مهمن، تربيتي پروگرامز ۽ ذميوار ڊيجيٽل طرز عمل جي فروغ جي ذريعي عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جي خلاف جدوجهد اڳتي به جاري رکي ويندي. شرڪت ڪندڙن ان نوعيت جي آگااهي سيمينارز کي مستقبل ۾ پڻ تسلسل سان منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.











