سڊني حملي کانپوءِ آسٽريلوي وزيراعظم طرفان نفرت ۽ انتهاپسندي خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جو عزم، نئين سال جون تقريبون ملتوي

ڪينبرا-18 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي بونڊائي سامونڊي ڪناري تي فائرنگ جي واقعي کانپوءِ آسٽريلوي وزيراعظم انٿوني البانيز عوام سان نفرت ۽ انتهاپسندي خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جو واعدو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز گذريلڪ ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته آسٽريلوي عوام صدمي ۽ ڪاوڙ ۾ آهي ۽ هو پاڻ به ڪاوڙ ۾ آهي. اهو واضح آهي ته ان برائي خلاف وڌيڪ گهڻو …

ڪينبرا-18 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي بونڊائي سامونڊي ڪناري تي فائرنگ جي واقعي کانپوءِ آسٽريلوي وزيراعظم انٿوني البانيز عوام سان نفرت ۽ انتهاپسندي خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جو واعدو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز گذريلڪ ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته آسٽريلوي عوام صدمي ۽ ڪاوڙ ۾ آهي ۽ هو پاڻ به ڪاوڙ ۾ آهي. اهو واضح آهي ته ان برائي خلاف وڌيڪ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن انتهاپسند تبليغ ڪندڙن خلاف ڪارروائي، سخت سزا لاڳو ڪرڻ ۽ نفرت ڦهلائيندڙن جي ويزه رد ڪرڻ جهڙن قدمن جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته پرڏيهي ميڊيا  موجب گذريل ڏينهن ٿيل دهشتگردي واري حملي کان پوءِ اهو فيصلو مقامي ڪونسل جي مشوري سان ڪيو ويو آهي. انتظاميا پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته هزارين ماڻهو آسٽريليا جي اندر ۽ ٻاهر کان  وڏي عرصي کان پوءِ بونڊائي سمنڊ ڪناري تي منعقد ٿيندڙ  نئين سال جي رات جي تقريبن جي انتظار ۾ هئا. بيان ۾  وڌيڪ چيو ته اسان بونڊائي ۾ خاص طور تي ڏک جي گهڙي ۾ هڪ ٻئي سان گڏ آهيون.

مزید خبریں