حيدرآباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) ايگزيڪيوٽو انجنيئر اپر پنڃاري ڊويزن حيدرآباد پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪوٽڙي بيراج هيڊ ورڪس جي سالياني بندش 26 -2025ع جي ڪري اولڊ ڦليلي ڪينال جي هيٺين سمورن چينلن ۾ 25 ڊسمبر کان 11 جنوري 2026ع تائين انفرااسٽرڪچر جي معمول جي معائني / مينٽينس ۽ ضروري مرمت لاءِ پاڻي جي فراهمي بند رهندي، تنهن ڪري تعلقي ميونسپل ڪميٽيون ۽ ٽائون ڪميٽيون جيڪي ڄاڻايل سسٽم …
اولڊ ڦليلي ڪينال جي چينلن ۾ 25 ڊسمبر کان 11 جنوري 2026ع تائين بندي جو اعلان
حيدرآباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) ايگزيڪيوٽو انجنيئر اپر پنڃاري ڊويزن حيدرآباد پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪوٽڙي بيراج هيڊ ورڪس جي سالياني بندش 26 -2025ع جي ڪري اولڊ ڦليلي ڪينال جي هيٺين سمورن چينلن ۾ 25 ڊسمبر کان 11 جنوري 2026ع تائين انفرااسٽرڪچر جي معمول جي معائني / مينٽينس ۽ ضروري مرمت لاءِ پاڻي جي فراهمي بند رهندي، تنهن ڪري تعلقي ميونسپل ڪميٽيون ۽ ٽائون ڪميٽيون جيڪي ڄاڻايل سسٽم مان پاڻي حاصل ڪنديون آهن، انهن کي صلاح ڏني ٿي وڃي ته اهي پاڻي جي بندش دوران پيئڻ ۽ گهريلو استعمال لاءِ اڳواٽ پاڻي جو ذخيرو ڪري وٺن ته جيئن پاڻي جي کوٽ سبب مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي.












