سعودي عرب مصنوعي ذهانت جو عالمي مقابلو کٽي ورتو

رياض-17 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب نوجوانن جي مصنوعي ذهانت لاءِ عالمي مقابلي ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي عالمي سطح تي پهريون نمبر حاصل ڪندي مجموعي طور تي 26 اعزاز پنهنجي نالي ڪيا. پرڏيهي ميڊيا موجب ان مقابلي ۾ سعودي عرب پهرين، آمريڪا ٻي ۽ انڊونشيا ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، ڪينيڊا ۽ پاڪستان گڏيل طور تي چوٿين نمبر تي رهيا. اها ڪاميابي عالمي سطح تي مصنوعي ذهانت جي …

رياض-17 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب نوجوانن جي مصنوعي ذهانت لاءِ عالمي مقابلي ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي عالمي سطح تي پهريون نمبر حاصل ڪندي مجموعي طور تي 26 اعزاز پنهنجي نالي ڪيا. پرڏيهي ميڊيا موجب ان مقابلي ۾ سعودي عرب پهرين، آمريڪا ٻي ۽ انڊونشيا ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، ڪينيڊا ۽ پاڪستان گڏيل طور تي چوٿين نمبر تي رهيا. اها ڪاميابي عالمي سطح تي مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ سعودي عرب جي وڌندڙ ڪردار ۽ مسلسل ڪاميابين جو تسلسل آهي. مقابلي جي موجوده مرحلي ۾ 10 هزار کان وڌيڪ جديد منصوبا پيش ڪيا ويا جيڪي مصنوعي ذهانت جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل هئا. انهن منصوبن ۾ انسانن ۽ ڌرتيءَ جي مستقبل سان جڙيل موضوع شامل هئا جن ۾ موسمياتي تبديلي، صحت، تعليم، ثقافت ۽ سماجي خدمتون شامل آهن. اهي منصوبا چار بنيادي شعبن ۾ پيش ڪيا ويا جن ۾ مصنوعي ذهانت جي منصوبن جي نمائش، مصنوعي ذهانت سان تيار ڪيل فن پارا، مصنوعي ذهانت تي ٻڌل وڊيوز ۽ وڏن لساني ماڊلز جا شعبا شامل هئا. سعودي عرب 26 اعزازن ذريعي پهريون مقام حاصل ڪيو جن ۾ مختلف تعليمي مرحلن سان تعلق رندڙ 18 هزار کان وڌيڪ شاگردن حصو ورتو. انهن شاگردن 11 تمغا کٽيا ۽ 163 منصوبا تيار ڪيا جيڪي سخت مقابلي کانپوءِ فائنل مرحلي تائين پهتا. ٻئي نمبر تي آمريڪا 24 اعزاز حاصل ڪيا جڏهن ته انڊونيشيا 7 اعزازن سان ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. ان کانپوءِ ڪينيڊا ۽ پاڪستان پنج، 5 اعزاز کٽيا، ڀارت ۽ قطر ٽي، 3 اعزاز حاصل ڪيا جڏهن ته آرمينيا، پرتگال، نائيجيريا، چين، يونان ۽ ڏکڻ ڪوريا 2، 2 اعزاز پنهنجي نالي ڪيا.برطانيه، ميڪسيڪو، هانگ ڪانگ، بنگلاديش، مصر، تيونس، ڪينيا، ليبيا ۽ ايران هڪ هڪ اعزاز حاصل ڪيو. سعودي عرب جي حاصل ڪيل 26 اعزاز مختلف شعبن ۾ هئا جن ۾ منصوعي ذهانت سان تيار ڪيل وڊيوز، وڏا لساني ماڊلز ۽ ثقافتي منصوبا شامل آهن جيڪي خاص طور تي نجدي ورثي جي چوڌاري گهمندا هئا. ان کانسواءِ منصوعي ذهانت سان تيار ڪيل فنون جي شعبي ۾ به نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون. اهي نتيجا ان وقت سامهون آيا جن سعودي عرب مصنوعي ذهانت بابت عالمي اهڃاڻن ۾ نمايان اڳڀرائي ڪري رهيو آهي، ان ۾ ان شعبي جي ترقي روزگار جا موقعا ماهر افرادي قوت جي شموليت جديد اي آءِ ماڊلز ۾ عالمي درجا بندي ۽ عوامي آگاهي شامل آهي جيڪا 2025ع دوران نمايان طور بهتر ٿي.

مزید خبریں