ڪراچي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي ميمبر سُکديو هيمناڻي جي لکت ۾ موڪليل خط جي جواب ۾ انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته ڪرسمس جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ مسيحي برادري جي گرجا گهرن، عبادت گاهن ۽ گڏجاڻي وارن هنڌن تي فول پروف ۽ حفاظتي سيڪيورٽي انتظامن سان گڏ مؤثر ٽريفڪ انتظام …
آءِ جي سنڌ پوليس پاران ڪرسمس جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ سيڪيورٽي انتظامن سان گڏ مؤثر ٽريفڪ انتظام يقيني بنائڻ جون هدايتون

مزید خبریں
ڪراچي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي ميمبر سُکديو هيمناڻي جي لکت ۾ موڪليل خط جي جواب ۾ انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته ڪرسمس جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ مسيحي برادري جي گرجا گهرن، عبادت گاهن ۽ گڏجاڻي وارن هنڌن تي فول پروف ۽ حفاظتي سيڪيورٽي انتظامن سان گڏ مؤثر ٽريفڪ انتظام به يقيني بڻايو وڃي. ايس آءِ ڊي مان جاري ڪيل پريس رليز موجب آءِ جي سنڌ پوليس ڏانهن اماڻيل خط ۾ سخت نگراني ۽ گڏيل سيڪيورٽي منصوبابندي جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 9 (زندگي ۽ آزادي جو حق)، آرٽيڪل 20 (مذهبي آزادي)، آرٽيڪل 25 (قانون آڏو برابري) ۽ آرٽيڪل 36 (اقليتن جو تحفظ) تحت ڏنل آئيني ضمانتن کي نمايان ڪيو ويو آهي. ان موجب سمورن ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي جامع سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ مئنيجمينٽ پلان تي عملدرآمد جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. سُکديو هيمناڻي زور ڀريو ته مذهبي اقليتن ۽ سندن عبادت گاهن جو تحفظ آئيني ذميواري آهي ۽ سنڌ حڪومت جي بنيادي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ سنڌ حڪومت اقليتي برادري جي حقن جي تحفظ ۽ بين المذاھب هم آهنگي جي واڌاري لاءِ سرگرم ۽ اداراتي قدم کڻي رهي آهي. سُکديو هيمناڻي ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪرسمس دوران سنڌ حڪومت مڪمل طور تي چوڪس رهندي ۽ سمورن لاڳاپيل کاتن کي سڄي صوبي ۾ محفوظ، پُرامن ۽ پائيدار ماحول يقيني بڻائڻ جون هدايتون اڳ ئي جاري ڪيون ويون آهن.











