سنڌ جي گورنر جو شام جي سفير سان ٽيليفونڪ رابطو

ڪراچي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاڪستان ۾ شام جي سفير ڊاڪٽر رميز الرائي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنھن ۾ گورنر سڊني ۾ ماڻھن جون زندگيون بچائيندڙ شامي شھري جي واکاڻ ڪئي. گورنر چيو تھ آسٽريليا جي شھريت وٺندڙ شام جي شھري ٻنھي ملڪن جو نالو روشن ڪيو. احمد الاحمد دنيا ۾ مسلمانن جو اصل چھرو اجاڳر ڪيو آھي. احمد الاحمد سڀني مسلمانن جو …

ڪراچي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاڪستان ۾ شام جي سفير ڊاڪٽر رميز الرائي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنھن ۾ گورنر سڊني ۾ ماڻھن جون زندگيون بچائيندڙ شامي شھري جي واکاڻ ڪئي. گورنر چيو تھ آسٽريليا جي شھريت وٺندڙ شام جي شھري ٻنھي ملڪن جو نالو روشن ڪيو. احمد الاحمد دنيا ۾ مسلمانن جو اصل چھرو اجاڳر ڪيو آھي. احمد الاحمد سڀني مسلمانن جو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪيو آھي. شام جي سفير ڊاڪٽر رميز ٽيليفون ڪرڻ تي سنڌ جي گورنر جا ٿورا مڃيا. ھن چيو تھ جلد ڪراچي اچي اوھان سان ملاقات ڪندس.