حيدرآباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد ۾ پهرئين فائيو اسٽار هوٽل پي سي ليگيسي جي پر وقار افتتاحي تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ شهر جي معززن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر چيلارام ڪيولاڻي چيو ته حيدرآباد ۾ هڪ فائيو اسٽار هوٽل جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته حيدرآباد زراعت، سياحت ۽ اڪنامڪ بزنس جو حب آهي، حيدرآباد ان حوالي سان پنهنجي …
حيدرآباد ۾ پهرئين فائيو اسٽار هوٽل پي سي ليگيسي جي پروقار افتتاحي تقريب

مزید خبریں
حيدرآباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد ۾ پهرئين فائيو اسٽار هوٽل پي سي ليگيسي جي پر وقار افتتاحي تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ شهر جي معززن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر چيلارام ڪيولاڻي چيو ته حيدرآباد ۾ هڪ فائيو اسٽار هوٽل جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته حيدرآباد زراعت، سياحت ۽ اڪنامڪ بزنس جو حب آهي، حيدرآباد ان حوالي سان پنهنجي ساک رکي ٿو. هن چيو ته جڏهن به هتي پرڏيهي ماڻهو يا پاڪستان جي ٻين علائقن مان هتي اچي رهيا هئا ته انهن کي فائيو اسٽار هوٽل جي سهولت ميسر نه هئي. هن چيو ته حيدرآباد منهنجي جنم ڀومي آهي هتي مان ننڍپڻ گذاري وڏو ٿيو آهيان. هن چيو ته هتي ڪاروباري ماڻهن سميت سياح به اچن ٿا جنهن کي نظر ۾ رکندي 40 ڪمرن تي مشتمل پي سي ليگيسي هوٽل قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ 3 وڏا ڪانفرنس هال موجود آهن. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ لمس سميت ٻيا وڏا ادارا هتي موجود آهن. ان کان علاوه سنڌ جا ڪيترائي ميگا پروجيڪٽ به هتي هلي رهيا آهن انهن سڀني لاءِ پي سي ليگيسي هڪ وڏي سهولت آهي. ان موقعي تي آتشبازي جو به مظاهرو ڪيو ويو.











