لاڙڪاڻو ۾ لهر ڪالوني ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٽن گهرن جون ڇتيون ڪِري پيون، هڪ عورت فوت، ٻارن سميت 14 زخمي

لاڙڪاڻو- 16 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور گئس جو سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽڻ سبب ٽن گهرن جون ڇتون ۽ ڀتيون ڪري پيون، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ 14 کان وڌيڪ عورتون، معصوم ٻار ۽ مرد زخمي ٿي پيا. تفصيل مطابق لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني جي رهواسي مختيار جتوئي جي گهر ۾ مبينا طور رکيل سلينڊر اوچتو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن …

لاڙڪاڻو- 16 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور گئس جو سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽڻ سبب ٽن گهرن جون ڇتون ۽ ڀتيون ڪري پيون، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ 14 کان وڌيڪ عورتون، معصوم ٻار ۽ مرد زخمي ٿي پيا. تفصيل مطابق لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني جي رهواسي مختيار جتوئي جي گهر ۾ مبينا طور رکيل سلينڊر اوچتو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن سبب سندس گهر ۽ پاسي جي ٻن گهرن جون ڇتون ۽ ڀتيون ڪري پيون، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ياسمين زال قربان مغيري موقعي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته 12 سالن جي عليشا، 10 سالن جي زويه، انوشا، عريبه، جنيد، جواد رند، ساجده، ڪومل جتوئي سميت 14 کان وڌيڪ گهر ڀاتي سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي ريسڪيو 1122، ضلعي عملدار، پوليس ۽ علائقي واسي واقعي واري هنڌ پهتا، جتان فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي ٽراما سينٽر پهچايو ويو. جتي زخمين جو علاج هلندڙ آهي. ان حوالي سان علائقي واسين جو چوڻ هو ته پاڙي واسي مختيار جتوئي جي گهر ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب مختيار جتوئي، قربان مغيري ۽ عرفان رند جي گهرن جون ڇتون ۽ ڀتيون ڌماڪي سان ڪِري پيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ٽنهي گهرن جا 14 کان وڌيڪ ڀاتي زخمي ٿيا آهن ۽ هڪ عورت فوت ٿي وئي آهي. هوڏانهن ٽراما سينٽر جي انتظاميه جو چوڻ هو ته سمورن زخمين جو انگ 14 آهي، جن ۾ ٻارڙا، عورتون ۽ مرد شامل آهن، جڏهن ته هڪ عورت ياسمين زال قربان مغيري فوت ٿي وئي آهي. اسپتال انتظاميه وڌيڪ ٻڌايو ته چئن ٻارن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن کي ڪراچي منتقل ڪيو ويندو ٻه ٻارڙا وينتي ليٽر تي رکيا ويا آهن. ٻي پاسي واقعي ۾ فوت ٿيل عورت ۽ زخمين جا وارث ٽراما سينٽر ٻاهران وڏي تعداد ۾ پهچي ويا هئا، جنهن ڪري اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي.

مزید خبریں