پشاور- 16 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اي پي ايس سانحي کي تاريخ جو نه وسرندڙ واقعو قرار ڏيندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي 11هين ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اي پي ايس جي معصوم شهيدن پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري قوم …
اي پي ايس جي معصوم شهيدن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي قوم کي اتحاد، حوصلي ۽ قرباني جو عظيم درس ڏنو: فيصل ڪريم ڪنڊي

مزید خبریں
پشاور- 16 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اي پي ايس سانحي کي تاريخ جو نه وسرندڙ واقعو قرار ڏيندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي 11هين ورسي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اي پي ايس جي معصوم شهيدن پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري قوم کي اتحاد، حوصلي ۽ قرباني جو عظيم درس ڏنو آهي. هن چيو ته اهو سانحو پوري قوم لاءِ هڪ سخت امتحان هو. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به ضايع نه وينديون، جڏهن ته رياست اهڙن عنصرن جي خاتمي لاءِ پر عزم آهي. هن چيو ته حڪومت صوبي ۾ امن امان جي قيام ۽ معصوم جانين جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي ۽ گڏجي دهشتگردي جو خاتمو ڪري صوبي کي پرامن بڻايو ويندو. هن شهيدن جي ڪٽنبن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته قوم اڄ به انهن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. اي پي ايس جا شهيد اسان جي دلين ۾ زنده آهن ۽ سندن قربانين کي ڪڏهن به نه وساريو ويندو.











