حيدرآباد ۾ ڪار چوري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو

حيدرآباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد ۾ ڪار چوري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿيل جوابدار پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. ان سلسلي ۾ ضلعي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته لطيف آباد 6 نمبر مان هڪ شخص طلعت يونس قريشي جي ڪرولا الٽس ڪار چوري ٿي وئي هئي، ايس ايس پي حيدرآباد ان واردات جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس کي هدايتون جاري …

حيدرآباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد ۾ ڪار چوري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿيل جوابدار پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. ان سلسلي ۾ ضلعي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته لطيف آباد 6 نمبر مان هڪ شخص طلعت يونس قريشي جي ڪرولا الٽس ڪار چوري ٿي وئي هئي، ايس ايس پي حيدرآباد ان واردات جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس کي هدايتون جاري ڪيون ته ڪيس داخل ڪري ڪار کي هٿ ڪيو وڃي، جنهن بعد ٽريڪر جي مدد سان ڪنڊيارو ٽول پلازه تان ڪار هٿ ڪري هڪ جوابدار سليم راجپوت کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو گوجرانواله جو رهواسي هو. شروعاتي جاچ دوران جوابدار انڪشاف ڪيو ته هن واردات ۾ ساڻس ٻه جوابدار عبدالشڪور عرف شڪوري عرف فيصل ۽ عمران عرف ماني به گڏ هئا، جيڪي هن وقت نائيجاڻي لنڪ روڊ جي بند وٽ موجود آهن. ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار جي نشاندهي تي جوابدار کي ساڻ ڪري پوليس پارٽي اتي پهتي ته جوابدارن پوليس کي ڏسندي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن تي پوليس جوابي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. ان دوران گرفتار ٿيل سليم راجپوت پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي اوندهه جو فائدو وٺندي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جن جي گرفتاري لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب جوابدارن جو تعلق بين الصوبائي ڪار لفٽر گروپ سان آهي، جن جي خلاف سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف ٿاڻن تي 33 ڪيس داخل ٿيل آهن. ترجمان موجب مارجي ويل جوابدار جو لاش سول اسپتال حيدرآباد جي مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي.