سنڌ جي وڏي وزير پاران قومي پوليو مهم جو افتتاح

ڪراچي-15 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊسمبر 2025 جي ٽڪا لڳائڻ واري قومي مهم نيشنل اميونائيزيشن ڊيز تحت سڄو هفتي جاري رهندڙ پوليو جي خاتمي واري قومي مهم جو افتتاح يونين ڪائونسل اولڊ حاجي ڪيمپ ۾ واقع سرڪاري تاريخي اداري سي ايم ايس اسڪول ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ سان ڪيو. هي مهم صوبي ۾ 15 کان 21 ڊسمبر …

ڪراچي-15 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڊسمبر 2025 جي ٽڪا لڳائڻ واري قومي مهم نيشنل اميونائيزيشن ڊيز تحت سڄو هفتي جاري رهندڙ پوليو جي خاتمي واري قومي مهم جو افتتاح يونين ڪائونسل اولڊ حاجي ڪيمپ ۾ واقع سرڪاري تاريخي اداري سي ايم ايس اسڪول ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ سان ڪيو. هي مهم صوبي ۾ 15 کان 21 ڊسمبر تائين جاري رهندي. افتتاحي تقريب ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر شهريار ميمڻ، صحت کاتي جا سينيئر عملدار ۽ پوليو جي خاتمي جي قدمن جي حمايت ڪندڙ قومي ۽ عالمي شراڪتي ادارن جا نمائندا شريڪ ٿيا. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ مضبوط نگراني نظام، ويڪسينشن جي اعليٰ شرح ۽ اثرائتي ڪميونٽي شموليت ذريعي پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ ڪجهه وڌيڪ خطري وارن علائقن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي اڃا به سامهون اچي رهي آهي، پر وقت سر نشاندهي ۽ فوري رد عمل پروگرام جي ڪاميابي جو بنياد آهي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ ۾ سال 2024ع دوران پوليو جا 23 ڪيس ۽ 2025ع ۾ 9 ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان تازو ڪيس آگسٽ 2025 ۾ بدين ضلعي مان سامهون آيو. هن چيو ته 2025 دوران ڪيس رڳو 6 ضلعن تائين محدود رهيا جن ۾ بدين، لاڙڪاڻو، قمبر – شهدادڪوٽ، ٺٽو، عمرڪوٽ ۽ حيدرآباد شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته مسلسل ماحولياتي نگراني خاص طور تي شهري علائقن ۾ سيوريج نمونن جي جاچ، حدف بڻايل ويڪسينشن ۽ فوري ردعمل لاءِ رهنمائي فراهم ڪري رهي آهي. ڊسمبر 2025 جا نيشنل اميونائيزيشن ڊيز سنڌ ۾ هن سال جي سڀ کان وڏي صحت مهمن مان هڪ هوندا. ان دوران صوبي جي 30 ضلعن جي 1345 يونين ڪائونسلن ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن هڪ ڪروڙ 6 لک ٻارن کي پوليو ويڪسين جا ڦڙا پياريا ويندا. هن مهم لاءِ 80 هزار کان وڌيڪ فرنٽ لائن ورڪر مقرر ڪيا ويا آهن، جن جي مدد لاءِ 21 هزار کان وڌيڪ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ اٽڪل 400 ليڊي پوليس اهلڪار پڻ شامل آهن ته جيئن ويڪسينشن ٽيمن جي حفاظت ۽ مهم جي اثرائتي عملداري کي يقيني بڻائي سگهجي. وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت مضبوط مائڪرو پلاننگ، مهم کان اڳ جامع تياري ۽ فرنٽ لائن ورڪرن جي بهتر تربيت ۽ سهڪار کي ترجيح ڏئي رهي آهي. هن صحت کاتي، ضلعي انتظاميا ۽ شراڪتي ادارن وچ ۾ ويجهي رابطي جي اهميت تي زور ڏنو، ساڳئي وقت اسڪولن، ڪميونٽي اڳواڻن، والدين ۽ مذهبي عالمن جي سرگرم شموليت کي به ضروري قرار ڏنو. پوليو ورڪرن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته انهن جي محنت ۽ لڳن هر ٻار کي هن معذور بڻائيندڙ بيماري کان بچائڻ لاءِ انتهائي اهم آهي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته هو ويڪسينشن ٽيمن سان مڪمل سهڪار ڪن ۽ يقيني بڻائين ته ڪو به ٻار مهم کان محروم نه رهي. وڏي وزير پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ ميڊيا جي ڪردار کي به اهم قرار ڏنو ۽ چيو ته صحيح ڄاڻ جي فراهمي، غلط ڄاڻ جو تدارڪ ۽ ويڪسينيشن جي پيغامن کي موثر نموني اجاگر ڪرڻ ميڊيا جي ذميواري آهي، ڇو ته پوليو کان پاڪ سنڌ ۽ پوليو کان پاڪ پاڪستان لاءِ گڏيل ڪوششون لازمي آهن. هن چيو ته پوليو جو خاتمو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي بار بار پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا وڃن. والدين کي گهرجي ته هو پنهنجن ٻارن کي هي زندگي بچائيندڙ ڦڙا ضرور پيارين ۽ پوليو ٽيمن سان مڪمل تعاون ڪن. وڏي وزير ياد ڏياريو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1990ع ۾ پنهنجي نياڻي آصفه ڀٽو کي پوليو جا ڦڙا پياريندي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جو آغاز ڪيو هو ۽ قوم لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو ويو هو. هن چيو ته اسان کي يقيني بڻائڻو پوندو ته هر ٻار کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ملن ته جيئن هن معذور بڻائيندڙ بيماري جو هميشه لاءِ خاتمو ٿي سگهي. ميڊيا جي ڪردار کي اجاگر ڪندي مراد علي شاهه ميڊيا مالڪن تي زور ڏنو ته هو هن مهم جي ڀرپور حمايت ڪن. هن چيو ته پوليو مهم جي ڪاميابي جو دارومدار عوامي آگاهي تي آهي. مان ميڊيا مالڪن کي درخواست ڪريان ٿو ته مصروف وقتن مان گهٽ ۾ گهٽ پنج سيڪنڊ پوليو بابت آگاهي پيغامن لاءِ وقف ڪن. هن وڌيڪ چيو ته سماج جي هر طبقي کي پوليو خلاف جدوجهد ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اهو انتهائي افسوسناڪ آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان دنيا جا اهي واحد ملڪ آهن، جتي اڃا تائين پوليو موجود آهي. پوليو ٻار جو مستقبل تباهه ڪري ڇڏي ٿو ۽ اسان ان کي برداشت نٿا ڪري سگهون. هن انڪشاف ڪيو ته هينئر تائين پاڪستان ۾ پوليو جا 30 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جن مان 9 ڪيس سنڌ مان رپورٽ ٿيا آهن. هن خبردار ڪيو ته جيتوڻيڪ ماضي ۾ ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي هئي، پر تازو ئي ان انگ ۾ ٻيهر اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته حڪومت هر ڪجهه مهينن بعد پوليو مهم هلائي ٿي ۽ هن ڀيري به يقيني بڻايو ويندو ته پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي حفاظتي پوليو ويڪسين جا ٻه ڦڙا پياريا وڃن. هن فرنٽ لائن پوليو ورڪرن کي هدايت ڪئي ته هو گهر گهر وڃي ويڪسينشن ڪن ۽ ٻڌايو ته مهم دوران پوليو ٽيمن جي تحفظ لاءِ 21 هزار سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. هن شهرين کي اپيل ڪندي چيو ته پوليو ورڪرن جو ڀليڪار ڪيو وڃي ۽ مڪمل سهڪار ڪيو وڃي. ڪو به ٻار ويڪسين کان محروم نه رهڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته انڪار جي صورت ۾ مقامي يونين ڪائونسل جي نمائندن کي خاندانن جي رهنمائي لاءِ شامل ڪيو ويندو ۽ ڪميونٽي سطح تي شموليت جي اهميت تي زور ڏنو. خطاب جي پڄاڻي تي وڏي وزير ٻيهر چيو ته پوليو جو خاتمو گڏيل قومي ذميواري آهي. هن چيو ته والدين، ڀائر ڀينر، ڪميونٽي اڳواڻ، ميڊيا ۽ سرڪاري ادارن سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. صرف اهڙي صورت ۾ اسان پنهنجن ٻارن جو تحفظ ڪري سگهون ٿا ۽ پوليو کان پاڪ پاڪستان کي يقيني بڻائي سگهون ٿا.

مزید خبریں