ڪينبرا-15 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي اڳواڻن سڊني جي بونڊي بيچ تي فائرنگ جي واقعي کانپوءِ نيشنل ڪيبينٽ جي هنگامي اجلاس ۾ هٿيارن جا قانون سخت ڪرڻ لاءِ فيصلائتن قدمن تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزيراعظم اينٿوني البانيز بيان ۾ چيو ته هن ۽ آسٽريليا جي سمورين رياستن ۽ علائقن جي اڳواڻن هنگامي اجلاس هٿيارن بابت قانونن ۾ سڌارن لاءِ مضبوط ۽ فيصلائتن قدمن تي اتفاق ڪيو …
آسٽريلوي ڪابينا پاران هٿيارن بابت قانون سخت ڪرڻ تي اتفاق

مزید خبریں
ڪينبرا-15 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي اڳواڻن سڊني جي بونڊي بيچ تي فائرنگ جي واقعي کانپوءِ نيشنل ڪيبينٽ جي هنگامي اجلاس ۾ هٿيارن جا قانون سخت ڪرڻ لاءِ فيصلائتن قدمن تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزيراعظم اينٿوني البانيز بيان ۾ چيو ته هن ۽ آسٽريليا جي سمورين رياستن ۽ علائقن جي اڳواڻن هنگامي اجلاس هٿيارن بابت قانونن ۾ سڌارن لاءِ مضبوط ۽ فيصلائتن قدمن تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته رياستي ۽ علائقائي اڳواڻن پنهنجي لاڳاپيل پوليس وزيرن ۽ اٽارني جنرلز کي هدايت ڪئي آهي ته هو هٿيارن جي قانونن کي سخت ڪرڻ لاءِ تجويزون تيار ڪن، جن ۾ هڪ فرد وٽ موجود هٿيارن جي انگ جي حد مقرر ڪرڻي پوندي ۽ هٿيارن جو لائسنس صرف آسٽريلوي شهرين تائين محدود ڪرڻ شامل آهي. آسٽريلوي وزيراعظم چيو ته 1996ع ۾ ٻيٽ نما رياست تسمانيه جي علائقي پورٽ آرٿر ۾ 35 ڄڻن جي قتل کانپوءِ قائم ڪيل نيشنل فائر آرمز ايگريمينٽ تي ٻيهر ڳالهيون ڪيون وينديون ته جيئن بدلجندڙ سيڪيورٽي صورتحال ۾ ان کي وڌ کان وڌ اثرائتو بنائي سگهجي.






