لاڙڪاڻو ڊي آءِ جي پاران رينج جي پنجن ئي ضلعن ۾ پوليو مهم جي سيڪيورٽي لاءِ خاص حڪم جاري

لاڙڪاڻو-15 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ  جي پوليس ناصر آفتاب جي جاري ڪيل حڪمن جي روشني ۾  رينج جي پنجن ئي ضلعن ۾ 15 کان 21 ڊسمبر 2025ع تائين جاري پوليو مهم جي سيڪيورٽي لاءِ خاص حڪم جاري ڪيا آهن، جن موجب لاڙڪاڻو رينج ۾ پوليو مهم لاءِ مقرر ٿيل 4497 موبائيل ٽيمون ۽ 223 ٽرانٽ ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن جن جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس آفيسر …

لاڙڪاڻو-15 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ  جي پوليس ناصر آفتاب جي جاري ڪيل حڪمن جي روشني ۾  رينج جي پنجن ئي ضلعن ۾ 15 کان 21 ڊسمبر 2025ع تائين جاري پوليو مهم جي سيڪيورٽي لاءِ خاص حڪم جاري ڪيا آهن، جن موجب لاڙڪاڻو رينج ۾ پوليو مهم لاءِ مقرر ٿيل 4497 موبائيل ٽيمون ۽ 223 ٽرانٽ ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن جن جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس آفيسر ۽ جوان فرض انجام ڏيندا. پوليو مهم دوران لاڙڪاڻو رينج جا ايس ايس پيز ذاتي طور تي سيڪيورٽي جي نگراني ڪند1. پوليو مهم دوران لاڙڪاڻو رينج جي پنجن ئي ضلعن ۽ رينج آفيس ۾ خاص ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن. ڊي آءِ جي پوليس لاڙڪاڻو چيو ته پوليو مهم دوران ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي ناقابل قبول هوندي.