گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرنل انتونيو گوتريش جو عراق جو دورو

بغداد -14 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش عراق جي دوري دوران گڏيل قومن پاران ويڙهه سٽيل عراقين لاءِ 2003ع ۾ قائم ڪيل امدادي ادارو يو اين اي ايم آءِ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو ادارو آمريڪي حملي دوران بي گهر ٿيل عراقين کي سنڀالڻ لاءِ سهولتڪاري لاءِ قائم ڪيو ويو هو، جنهن کي گڏيل قومن جي عراق بابت مشن …

بغداد -14 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش عراق جي دوري دوران گڏيل قومن پاران ويڙهه سٽيل عراقين لاءِ 2003ع ۾ قائم ڪيل امدادي ادارو يو اين اي ايم آءِ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو ادارو آمريڪي حملي دوران بي گهر ٿيل عراقين کي سنڀالڻ لاءِ سهولتڪاري لاءِ قائم ڪيو ويو هو، جنهن کي گڏيل قومن جي عراق بابت مشن جو نالو ڏنو ويو. هاڻي 2025ع ۾ سلامتي ڪائونسل ان امدادي مشن جي خاتمي لاءِ ووٽنگ ذريعي فيصلو ڪيو. اهو ادارو بند ڪرڻ جي درخواست عراق ئي ڏني هئي. عراق جي نگران وزيراعظم محمد شيعا السوڊاني جنگ دوران گڏيل قومن جي سهولتڪاري جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سندس ملڪ سڄي خطي ۾ گڏيل قومن جي مشن جي ڪم کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو. عراق جي وزيراعظم چيو آهي، ته بغداد م هڪ گهٽيءَ جو نالو گڏيل قومون اسٽريٽ رکيو پيو وڃي ته جيئن 19 آگسٽ 2003ع تي يو اين عملي جي مارجي ويل 22 ميمبرن کي ياد رکي سگهجي.

مزید خبریں