وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪيو آهي ، غزه جي معاملي تي وڏو ڪم ڪري رهيا آهيون: آمريڪا

واشنگٽن-13 ڊسمبر (اي پي پي)آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته وچ اوڀر ۾ عظيم امن قائم ڪيو آهي جڏهن ته غزه جي معاملي تي وڏو ڪم ڪري رهيا آهيون. پرڏيهي ميڊيا رپروٽن موجب هن وچ اوڀر ۾ امن کي عظيم قرار ڏنو. صحافين سان ڳالهائيندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو غزه معاملي تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ وچ اوڀر ۾ حقيقي امن موجود آهي، جنهن …

واشنگٽن-13 ڊسمبر (اي پي پي)آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته وچ اوڀر ۾ عظيم امن قائم ڪيو آهي جڏهن ته غزه جي معاملي تي وڏو ڪم ڪري رهيا آهيون. پرڏيهي ميڊيا رپروٽن موجب هن وچ اوڀر ۾ امن کي عظيم قرار ڏنو. صحافين سان ڳالهائيندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو غزه معاملي تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ وچ اوڀر ۾ حقيقي امن موجود آهي، جنهن جي حمايت 59 ملڪ ڪري رهيا آهن ۽ ائين اڳ ڪڏهن به نه ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪجه ملڪ هماس يا لبنان ۾ حزب الله سان معاملا ڪرڻ لاءِ مداخلت ڪري رهي آهن جڏهن ته هن وقت ان جي ضرورت نه آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن مڪمل طور تي مداخلت جي آڇ پڻ ڪئي آهي.

مزید خبریں